Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آل پاڪستان متحده اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي زير اهتمام افطار ڊنر ۽ غزه جي مسلمانن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ تقريب جو انعقاد.


 Posted on: 7/19/2014
آل پاڪستان متحده اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي زير اهتمام افطار ڊنر ۽ غزه جي مسلمانن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ تقريب جو انعقاد.
ايم ڪيو ايم کي پنهنجي شهر جي مستقبل جي باري ۾ فيصلي ڪرڻ جو اختيار نه ٿو ڏنو وڃي.حيدرعباس رضوي.
ايم ڪيو ايم هاڻي صرف ڪراچي جي جماعت نه آهي، اڄ حق پرستي جو جهنڊو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به لهرائي رهيو آهي.حيدر عباس رضوي.
ڪراچي؛ 19 جولائي 2014
             آل پاڪستان متحده اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي تحت عليگ لان گلشن اقبال ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو. افطار ڊنر ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن حيدرعباس رضوي، احمد سليم صديقي ،حق پرست اسيمبلي ميمبرن، آرٽس فائونڊيشن جي صدر محمد نديم، سنڌ ٽيچر فورم جي صدر عزيز مدني، اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ظفر اقبال ۽ ٻين کان علاوه پروفيسرن، استادن، فنڪارن،ٽي وي اينڪرن ۽ شهر جي معزز شخصيتن کان علاوه عوام ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي حيدر عباس رضوي خطاب ڪندي چيو ته اي پي ايم ايس او دنيا جي واحد شاگرد تنظيم آهي جنهن پنهنجي اندران هڪ وڏي سياسي جماعت کي جنم ڏنو جيڪا اڄ ملڪ جي ٽئين وڏي پارٽي آهي ۽ ملڪ ۾ وسندڙ هر ماڻهو جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪري رهي آهي. انهن چيو ته عوام 30 سالن کان جناب الطاف حسين جي نظرئي کي اپنائي رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي حمايت يافته اميدوارن کي گذريل 27 سالن کان اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائيندا پيا اچن،پر افسوس جو ايتري وڏي مينڊيٽ جي باوجود به ايم ڪيو ايم کي پنهنجي شهر جي مستقبل جي باري ۾ فيصلا ڪرڻ جي اجازت نه آهي ۽ نه ئي شهري ادارن ۾ فيصلي ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم صرف ڪراچي جي جماعت نه آهي بلڪه اها ملڪ گير جماعت آهي جنهن جي حق پرستي جو پرچم ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين لهرائي رهيو آهي ۽ جناب الطاف حسين جا چونڊيل نمائندا ڪراچي کان ڪشمور تائين عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن.انهن چيو ته غزه ۾ مسلمانن تي ظلم جا جبل ڪيرايا پيا وڃن ۽ اها اسان جي ذميواري آهي ته غزه جي مسلمانن جي لاءِ آواز اٿاريون ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ به اها ئي صورتحال آهي جتي دهشت گرد اسان جي فوجين ۽ عوام کي نشانو بڻائي رهيا آهن.تقريب کي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي مزمل قريشي خطاب ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين جي خلاف ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي سازشون ڪيون ويون ۽ انهن جي نظرئي کي ملڪ جي مظلوم ۽ محروم عوام تائين پهچڻ کان روڪيو ويو پر الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪاميابي نصيب ٿي.تقريب کي اردو يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر ظفر اقبال به خطاب ڪيو. ان کان پوءِ اي پي ايم ايس او جي طرفان غزه ۾ معصوم مسلمانن تي اسرائيلي ظلم جي خلاف ۽ انهن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ويو ته اها غزه ۾ اسرائيلي ظلم کي روڪي ۽ معصوم ۽ بي گناھ فلسطينن جي جان و مال کي تحفظ فراهم ڪري.
*

5/17/2024 2:03:09 AM