Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين ملڪ ۾ اهڙي معاشري جي قيام جا خواهشمند آهن جتي هر انسان کي برابري ۽ احترام جو درجو حاصل هجي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 7/19/2014
جناب الطاف حسين ملڪ ۾ اهڙي معاشري جي قيام جا خواهشمند آهن جتي هر انسان کي برابري ۽ احترام جو درجو حاصل هجي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
عوام رمضان شريف ۾ پنهنجا عطيا خدمت خلق فائونڊيشن کي ڏين. رابطا ڪميٽي جي اپيل.
فيڊرل بي ايريا اسڪيم 33 ۾ منقعده افطار ڊنر جي شرڪاء کي رابطا ڪميٽي جو خطاب.
ڪراچي؛ 19 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام فيڊرل بي ايريا اسڪيم 33 ۾ الڳ الڳ افطار ڊنرز جو اهتمام ڪيو ويو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ سيف يار خان شرڪت ڪئي.ان موقعي تي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي مزمل قريشي، صلاح الدين، صوبائي مشير فيصل سبزواري ۽ ٻين کان علاوه معروف قوال امجد صابري سميت عوام جي وڏي تعداد موجود هئي.افطار ڊنرز سان ڳالھ ٻولھ ڪندي سيد امين الحق ۽ سيف يار خان چيو ته ايم ڪيو ايم جناب الطاف حسين جي تعليمات تي عمل ڪندي پنهنجي هم وطنن جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ اها ئي وجه آهي ته اڄ ڪراچي ۽ اندرون سنڌ سميت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين مظلوم ۽ محروم عوام ايم ڪيو ايم جو حصو بڻجي رهيا آهن ۽ فرسوده ڪرپٽ سياسي نظام جي خاتمي جي جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته جنهن ڏينهن غريب ۽ محروم عوام هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا ان ڏينهن ملڪ ۾ حقيقي انقلاب اچي ويندو ۽ پاڪستان حقيقت ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جو پاڪستان بڻجي ڪري اڀرندو.انهن چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ ۾ اهڙي معاشري جي قيام جا خواهشمند آهن جتي هر انسان کي برابري ۽ احترام جو درجو حاصل هجي.رابطا ڪميٽي وڏي تعداد ۾ افطار ڊنرز ۾ شرڪت ڪرڻ تي حق پرست عوام، ميڊيا جي نمائندن،فنڪارن ۽ زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ شرڪاء کي اپيل ڪئي ته اهي اتر وزيرستان جي متاثرن ۽ مستحق ماڻهن جي امداد جي لاءِ زڪوٰت، صدقا ۽ فطرو ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ڏين ۽ ڏکايل انسانيت جي خدمت ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺن.
****

5/17/2024 4:10:25 AM