Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملائشيا جي مسافر جهاز جي دردناڪ حادثي جي نتيجي ۾ درجنين ٻارڙن سميت 295 مسافرن جي هلاڪ ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 7/18/2014
ملائشيا جي مسافر جهاز جي دردناڪ حادثي جي نتيجي ۾ درجنين ٻارڙن سميت 295 مسافرن جي هلاڪ ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
اهو هڪ وڏو سانحو آهي جنهن تي جيترو به افسوس ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. ملائشيا جي وزير اعظم نجيب رزاق جي نالي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو تعزيتي خط.
لنڊن؛ 18 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ملائشيا جي مسافر جهاز جي تباهي جي دردناڪ واقعي جي نتيجي ۾ درجنين ٻارڙن سميت 295 مسافرن جي هلاڪ ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ملائشيا جي وزير اعظم نجيب رزاق جي نالي پنهنجي هڪ خط ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سميت پوري پاڪستاني قوم جي طرفان ان دردناڪ واقعي تي دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو. اهو هڪ وڏو سانحو آهي جنهن تي جيترو به افسوس ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. انهن اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي به اپيل ڪئي ته اهي ملائشيا جي جهاز جي دردناڪ واقعي جي اعلٰي سطحي تحقيقات جي لاءِ اقوام متحده جو اعلٰي سطحي ڪميشن قائم ڪن ۽ ان تحقيقات کان پوري دنيا جي عوام خصوصن ملائشيا جي ڏکايل عوام کي آگاھ ڪيو وڃي.


5/17/2024 3:24:40 AM