Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام گلشن اقبال ، لائينز ايريا ۽ سرجاني ٽائون ۾ الڳ الڳ افطار ڊنرز جو انعقاد.


 Posted on: 7/18/2014
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام گلشن اقبال ، لائينز ايريا ۽ سرجاني ٽائون ۾ الڳ الڳ افطار ڊنرز جو انعقاد.
ڪراچي؛ 18 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي گلشن اقبال سيڪٽر، لائينز ايريا ۽ سرجاني سيڪٽر جي زير اهتمام الڳ الڳ افطار ڊنرز جو اهتمام ڪيو ويو.جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق، عادل صديقي، توصيف خانزاده ، خالد سلطان، سينيٽر تنويرالحق ٿانوي ۽ ٻين کان علاوه علائقن جي معزز شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.افطار ڊنرز کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبرن چيو ته ايم ڪيو ايم روايتن کي ٽوڙيندڙ جماعت آهي ۽ ملڪ کان فرسوده، جاگيرداراڻه ۽ موروثي سياسي نظام جي خاتمي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ته جيئن پاڪستان کي حقيقي لحاظ کان قائد اعظم محمد علي جناح جو پاڪستان بڻائي سگهجي جتي هر مذهب ۽ فقه سان تعلق رکڻ واري ماڻهو کي آزادي حاصل هجي ۽ ملڪ ۾ امن و محبت جي فضا قائم ٿي سگهي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين پنهنجي سياسي جدوجهد جي آغاز کان ئي وٺي ڪري انسانيت جي خدمت ڪئي آهي ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي به سياست برائي خدمت ڪرڻ جو درس ڏنو آهي. اها ئي وجه آهي ته اسيمبلين جا حق پرست ميمبرَ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪري رهيا آهن. افطار ڊنر جي شرڪاء ايم ڪيو ايم جي افطار ڊنرز جي انعقاد کي ساراهيندي جناب الطاف حسين سان تشڪر جو اظهار به ڪيو.

5/17/2024 2:28:49 AM