Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪوئيٽا ۾ پشتون آباد جي علائقي محمود آباد ۾ مسجد جي ٻاهران فائرنگ ڪرڻ جي واقعي جي مذمت.


 Posted on: 7/18/2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪوئيٽا ۾ پشتون آباد جي علائقي محمود آباد ۾ مسجد جي ٻاهران فائرنگ ڪرڻ جي واقعي جي مذمت.
دهشت گرد ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 18 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪوئيٽا ۾ پشتون آباد جي علائقي محمود آباد ۾ مسجد جي ٻاهران دهشت گردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جي 4 ماڻهن جي هلاڪت جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي دهشت گردي جي واقعي ۾ هلاڪ ٿيندڙ 4 ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي درجات جي بلندي جي لاءِ دعا به ڪئي.رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گرد ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا.رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت ۽ وزير اعلٰي بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ کان مطالبو آهي ته مسجد جي ٻاهران فائرنگ ۾ ملوث وحشي دهشت گردن کي بي نقاب ڪري انهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
****

5/17/2024 3:57:16 AM