Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هنگو جي علائقي دورڙي بانڊه ۾ روڊ جي ڪناري تي نصب ٿيل هڪ ٻئي پٺيان ٻه بم ڌماڪا ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 7/17/2014
هنگو جي علائقي دورڙي بانڊه ۾ روڊ جي ڪناري تي نصب ٿيل هڪ ٻئي پٺيان ٻه بم ڌماڪا ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.

لنڊن؛ 17 جولائي 2014

         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين هنگو جي علائقي دورڙي بانڊه ۾ روڊ جي ڪناري تي نصب ٿيل هڪ ٻئي پٺيان ٻه بم ڌماڪا ٿيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف پاڪستاني فوج جي آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي سان وائڙائپ جو شڪار ٿي ڪري دهشت گرد رمضان شريف جي تقدس کي پامال ڪندي بم ڌماڪن ۽ دهشت گردي جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن چيو ته دهشت گردي پاڪستان کي اڏهي وانگر چٽي کوکلو ڪري چڏيو آهي ، ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ان دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ اسان کي پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو. انهن هنگو جي علائقي ۾ ٻن بم ڌماڪن ۾ هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي صبر جي تلقين  ڪئي ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.جناب الطاف حسين صدر مملڪت ممنون حسين، وزير اعظم پاڪستان ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان، گورنر خيبرپختونخواھ ۽ وزير اعلٰي پرويز خٽڪ کان مطالبو ڪيو ته هنگو جي علائقي ۾ بم ڌماڪن ۾ ملوث دهشت گردن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي ۽ دهشت گردي جي عذاب کان ملڪ و قوم کي جلد کان جلد نجات ڏياري وڃي.


5/17/2024 3:16:55 AM