Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي 72 انچ قطر جي پائيپ لائين ڦاٽڻ جي ڪري پاڻي جي گهٽتائي تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 7/15/2014
ڪراچي جي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي 72 انچ قطر جي پائيپ لائين ڦاٽڻ جي ڪري پاڻي جي گهٽتائي تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.

ڪراچي؛ 15 جولائي 2014

           سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ڪراچي کي پاڻي جي سپلائي ڪرڻ واري ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي 72 انچ قطر جي پائيپ لائين ڦاٽڻ جي ڪري چئن ڏينهن تائين پاڻي جي فراهمي معطل رهڻ ۽ 50  ملين گيلن پاڻي روزانه جي بنياد تي گهٽ ملڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته هڪ ته شهر پهرين ئي پاڻي جي قلت جو شڪار آهي ۽ ٻيو وري پاڻي  سپلائي ڪرڻ واري پائيپ لائين ڦاٽڻ جي ڪري رمضان شريف جي مهيني ۾ عوام پاڻي کان محروم آهي ۽ پاڻي جي عدم فراهمي جي ڪري عوام ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي. انهن چيو ته پائيپ لائين جي جلد کان جلد مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن عوام کي پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي.انهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ صوبائي وزير بلديات کي اپيل ڪئي ته اهي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي 72 انچ پائيپ لائين جي فوري طور تي مرمت ڪرائين ته جيئن رمضان شريف جي مهيني ۾ عوام کي پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي

5/17/2024 12:22:57 AM