Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جون قائدانه صلاحيتون ڪنهن به تعريف جون محتاج نه آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبرَ ڪنور نويد، رشيد گوڏيل ۽ ڊاڪٽر صغير احمد جو پي آئي بي ، ڪورنگي ۽ نارٿ ڪراچي سيڪٽر ۾ افطار پارٽين کي خطاب.


 Posted on: 7/15/2014
جناب الطاف حسين جون قائدانه صلاحيتون ڪنهن به تعريف جون محتاج نه آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبرَ ڪنور نويد، رشيد گوڏيل ۽ ڊاڪٽر صغير احمد جو پي آئي بي ، ڪورنگي ۽ نارٿ ڪراچي سيڪٽر ۾ افطار پارٽين کي خطاب.

ڪراچي؛ 15 جولائي 2014

           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته جناب الطاف حسين جون قائدانه صلاحيتون ڪنهن به تعريف جون محتاج نه آهن ۽ انهن تمام تر رڪاوٽن ۽ سازشن جي باوجود حق پرستي جي تبليغ ڪري ملڪ جي سياست جي نه صرف رنگ ۽ ڍنگ کي بدليو آهي پر ملڪ ۾ رائج فرسوده جاگيرداراڻه نظام کي به جهنجهوڙي چڏيو آهي. انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي ميمبرن ڪنور نويد جميل، رشيد گوڏيل ۽ ڊاڪٽر صغير احمد ايم ڪيو ايم ڪورنگي، پي آئي بي ۽ نارٿ ڪراچي سيڪٽرن جي زير اهتمام منعقد ڪيل افطار پارٽين کي خطاب ڪندي ڪيو.افطار پارٽين ۾ سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري شخصيتن ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.رابطا ڪميٽي افطار پارٽين کي خطاب ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان جا اهي اصول پرست رهنما آهن جن ڪڏهن به مظلوم عوام جي حقن تي سودي بازي نه ڪئي آهي ۽ انهي ڏوھ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ان جي ڪارڪنن کي هر دور ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين جي مشن و مقصد ۽ نظرئي جي بقا جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن ۽ قيد جون تڪليفون به برداشت ڪري رهيا آهن پر انهن تمام تر ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جا حوصلا اڄ به بلند آهن. رابطا ڪميٽي افطار پارٽين جي شرڪاء کي اپيل ڪئي ته اهي جناب الطاف حسين جي ڏکايل انسانيت جي خدمت جي مشن ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺن ۽ ڪي ڪي ايف کي وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ زڪوات ۽ فطري جا عطيات ڏين. ان موقعي تي حق پرست ميمبر علي راشد ۽ وسيم قريشي به موجود هئا

5/17/2024 1:50:34 AM