Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي جي جماعت آهي جيڪا بغير ڪنهن فرق جي عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. احمد سليم صديقي.


 Posted on: 7/15/2014
ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي جي جماعت آهي جيڪا بغير ڪنهن فرق جي عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. احمد سليم صديقي.

متحده سوشل فورم حيدرآباد جي زير اهتمام الحرم هال لطيف آباد ۾ افطار ڊنر کي خطاب.

حيدرآباد؛ 15 جولائي 2014

متحده سوشل فورم حيدرآباد جي زير اهتمام الحرم هال لطيف آباد ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر احمد سليم صديقي ،حق پرست اسيمبلي ميمبرن سيد وسيم حسين، عائشه آفتاب، صابر قائم خاني، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ۽ ٻين کان علاوه شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي احمد سليم صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي جي جماعت آهي جيڪا بغير ڪنهن فرق جي عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو درس ڏنو آهي ، انهن چيو ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي عملي خدمتن جو مخالفَ به اعتراف ڪري رهيا آهن. انهن شرڪاء کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خوش آمديد چيو ۽ انهن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اهي اڳتي اچن ۽ جناب الطاف حسين جي مشن و مقصد ۾ انهن جو ساٿ ڏين. ان موقعي تي ڪيترن ئي اهم شخصيتن ايم ڪيو ايم جي عملي خدمتن کان متاثر ٿي ڪري متحده سوشل فورم ۾ پنهنجي باقائده شموليت جو اعلان ڪيو

5/17/2024 2:03:23 AM