Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شهر ۾ هٿيار بند ٽولن جي مارڪيٽن ۾ لٽ مار جي وڌندڙ وارداتن تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 7/15/2014
شهر ۾ هٿيار بند ٽولن جي مارڪيٽن ۾ لٽ مار جي وڌندڙ وارداتن تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.

ڪراچي؛ 15 جولائي 2014

            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رمضان شريف جي مهيني ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ موٽر سائيڪل سوار دهشت گرد ٽولن جي طرفان مارڪيٽن ۾ لٽ مار جي وڌندڙ وارڌاتن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته عيد جي آمد آمد آهي ۽ مارڪيٽن ۾ ماڻهو پنهنجين فيملين سان گڏ خريداري جي لاءِ وڃي رهيا آهن ۽ اهڙي موقعي تي شهر جي مارڪيٽن ۾ لٽ مار جي وڌندڙ وارڌاتن تي عوام ۾ وڏي ڳڻتي ۽ عدم تحفظ پاتو وڃي ٿو. رابطا ڪميٽي شهر ۾ هٿيار بند ٽولن جي هٿان لٽجندڙ دڪاندارن ۽ عوام سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي پنهنجي طرفان هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته مارڪيٽن ۾ لٽ مار جي وڌندڙ وارڌاتن جي روڪٿام جي لاءِ فوري طور تي سخت قدمَ کنيا وڃن ۽ عيد جي خريداري جي لاءِ بازارن ۾ اچڻ وڃڻ وارن خاندانن کي ڏوهارين کان مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي

5/17/2024 4:10:46 AM