Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري آهن. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي


 Posted on: 7/14/2014
جناب الطاف حسين ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري آهن. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.

مسلمان ملڪ غزه ۾اسرائيلي ظلم جي خلاف متحد نه ٿيا ته سڀاڻي سڀئي مسلمان ملڪ به باطل قوتن جي نشاني تي هوندا.

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام نارٿ ڪراچي ۾ افطار ڊنر ۾ شرڪاء سان ڳالھ ٻولھ.

ڪراچي؛ 14 جولائي 2014

             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جناب الطاف حسين ملڪ بچائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ اها ئي وجه آهي ته حق پرست اسيمبلي ميمبر ۽ ڪارڪن َ به ملڪ بچائڻ جي لاءِ هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن. انهن چيو ته رمضان شريف صبر جو درس ڏيئي ٿو ۽ پاڪستان جو قيام به رمضان شريف جي مهيني ۾ ئي عمل ۾ آيو هو. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام نارٿ ڪراچي ۾ افطار ڊنر ۾ شرڪاء سان ڳالھ ٻولھ ڪندي  ڪيو. ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبر شيخ صلاح الدين، عبدالوسيم، ريحان هاشمي، خواجه اظهار الحسن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنَ ۽ علائقي جي معزز شخصيتن جي به وڏي تعداد موجود هئي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي جيڪو مسلمانن کي انسانن جي احترام جو درس ڏيئي ٿو  ۽ الله تعالٰي به رمضان شريف ۾ پنهنجي رحمتن ۽ برڪتن ۾ اضافو ڪري ٿو. انهن چيو ته غزه ۾ اسرائيلي حملي جي ڪري سوين بي گناھ ۽ معصوم مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن ۽ جيڪڏهن اڄ به مسلمان غزه ۾ اسرائيلي ظلم جي خلاف متحد نه ٿيا ته سڀاڻي مسلمان ملڪ باطل قوتن جي نشاني تي هوندا. ان جي ڪري وقت جو تقاضا آهي ته  رمضان شريف جي پيغام کي سمجهندي تمام مسلمان هڪ ٿي ڪري انسانيت جي بقا ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ڏنل پيغام کي عام ڪن

5/17/2024 1:05:34 AM