Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين واحد قومي رهنما آهن جن ڪيترائي سال اڳ طالبانائيزيشن جي ذريعي پاڪستان کي لاڳو سنگين خطرن کان حمڪرانن کي آگاھ ڪري چڏيو هو. صوبائي وزير رئوف صديقي.


 Posted on: 7/2/2014 1

جناب الطاف حسين واحد قومي رهنما آهن جن ڪيترائي سال اڳ طالبانائيزيشن جي ذريعي پاڪستان کي لاڳو سنگين خطرن کان حمڪرانن کي آگاھ ڪري چڏيو هو. صوبائي وزير رئوف صديقي.
6 جولائي تي قوم فوج جي شهيدن کي سلامِ عقيدت ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪندي.
رئوف صديقي جي صنعتڪارن،فنڪارن ۽ بين مختلف وفدن سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 2 جولائي 2014
             صوبائي وزير صنعت و تجارت رئوف صديقي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين واحد قومي رهنما آهن جن ڪيترائي سال اڳ نه صرف طالبانائيزيشن جي ذريعي پاڪستان جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن کي لاحق سنگين خطرن جو اظهار ڪيو هو بلڪه عملي طور تي نشاندهي به ڪئي هئي ۽ حڪمرانن کي انهن سنگين خطرن کان به آگاھ ڪندا رهيا آهن جن جي ڪري اڄ پوري ملڪ جا ماڻهو ۽ قومي ادارا سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن صنتڪارن، فنڪارن ۽ ٻين مختلف وفدن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. انهن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪاش جناب الطاف حسين جي خدشن تي ڪاروائي ٿي وڃي ها ته نه صرف پاڪستان جي هزارين بي گناھ ماڻهن جون جانيون بچي وڃن ها بلڪه ملڪ به تباهي جي ڪناري تي نه پهچي ها . انهن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي بقا و سلامتي ۽ خصوصن اسلام جي سر بلندي جي لاءِ دهشت گردن سان جنگ ڪري رهي آهي. انهن چيو ته هر پاڪستاني کي پاڪ فوج جا هٿ مظبوط ڪرڻ گهرجن ۽ رمضان شريف ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جي لاءِ دعا به ڪرڻ گهرجي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان 6 جولائي تي فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي ۾ امير، غريب ۽ مختلف مذهبن ۽ مسلڪن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا ۽ پوري قوم فوج جي شهيدن کي سلام عقيدت ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪندي.

5/17/2024 4:32:37 AM