Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

6 جولائي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي جلسي جي اعلان جو خير مقدم ڪريون ٿا. صدر ڪراچي پريس ڪلب امتياز خان فاران


 Posted on: 7/3/2014 1

6 جولائي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي جلسي جي اعلان جو خير مقدم ڪريون ٿا. صدر ڪراچي پريس ڪلب امتياز خان فاران.
چينلن تي بندش اهو ادارو لڳائي رهيو آهي جنهن جو قانوني طور تي پنهنجو وجود ئي نه آهي.پي ايف يو جي،امين يوسف.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب.
ڪراچي؛ 3 جولائي 2014
ڪراچي پريس ڪلب جي صدر امتياز خان فاران پريس ڪلب ،صحافتي تنظيمن،فوٽو گرافرن ۽ ڪيميره مين حضرات جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب تمام پريس ڪلبن جي امڙ آهي ڇو ته اهو پاڪستان جو پهريون پريس ڪلب آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خميس جي شام ڪراچي پريس ڪلب ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان صحافين سان غير رسمي ڳالھ ٻولھ جي تقريب جي شرڪاء کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب کي اهو اعزاز حاصل آهي جو ان جا جوش مليح آبادي، حبيب جالب، بينظير ڀٽو ۽ ستار ايڌي لائف ٽائيم ميمبر آهن ۽ ڊاڪٽر عبدالسلام جن کي حال ئي ۾ لائف ٽائيم ميمبر شپ ڏني وئي آهي.انهن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي ڀت ديوار گريه آهي. 6 جولائي تي ايم ڪيو ايم هڪ وڏو جلسو فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ڪرڻ پئي وڃي انهن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن سياستدان پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن ته جناب الطاف حسين وڏو اسٽيپ ورتو ۽ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي جلسي جو اعلان ڪيو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين سڀني کان پهرين آگاھ ڪيو هو ته دهشت گردن ڪراچي جو رخ ڪري ورتو آهي ته انهن جو مذاق اڏايو ويو پر اڄ ثابت ٿي رهيو آهي ته جناب الطاف حسين جو موقف صحيح هو. انهن ڪراچي پريس جي تمام عهديدارن جي طرفان 6 جولائي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي جلسي جي انعقاد تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين اها شخصيت آهن جن هر طبقي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو، صحافين جي مشڪلاتن کي حل ڪيو ۽ ويج ايوارڊ تي به اسان جناب الطاف حسين جا شڪرگزار آهيون. انهن چيو ته پيمرا گردي جاري آهي ،پهرين جيو جي نشريات بند ڪئي وئي هاڻي اي آر وائي تي به بندش هنئي وئي. ايم ڪيو ايم کي ان ۾ هاڻي بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پي ايف يو جي جي سيڪريٽري امين يوسف چيو ته مون کي اهو چوڻ ۾ عار محسوس نه ٿو ٿئي ته جناب الطاف حسين جهڙي طرح مظلومن جي ڳالھ ڪن ٿا ۽ انهن جي حقن جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪن ٿا۽ انهن پنهنجي پوري زندگي وقف ڪري چڏي آهي. پي ايف يو جي به انهي طبقي جي حقن جي نمائندگي ڪري ٿي. انهن چيو ته چينلن تي بندش اهو ادارو لڳائي رهيو آهي جنهن جو پاڻ ڪوئي قانوني وجود نه آهي. اهو ادارو صحافين ۽ ادارن جي وچ ۾ تفريق ۽ ميڊيا کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان جي لاءِ اسان سمجهون ٿا ته اهو عمل 1978 جو تسلسل آهي. انهن چيو ته ظلم جو سج غروب ٿيندو ۽ جناب الطاف حسين ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.


5/17/2024 4:32:38 AM