Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسو ملڪ دشمنن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو.ايم ڪيو ايم آمريڪا.


 Posted on: 7/1/2014 1
پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسو ملڪ دشمنن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو.ايم ڪيو ايم آمريڪا.
شڪاگو؛ پهرين جولائي 2014
          ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي، جوائنٽ آرگنائيزر محمد ارشد حسين ،نديم صديقي ۽ ٻين 6 جولائي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي کي پوري قوم کي مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي خلاف متحد ڪرڻ جي تاريخ ساز ڪوشش قرار ڏنو آهي.انهن چيو ته پاڪ فوج سان يڪجهتي جي لاءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسو ملڪ دشمنن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو.پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته اڄ جڏهن پاڪ فوج دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ اتر وزيرستان ۾ فيصله ڪن آپريشن ڪري رهي آهي،ته اها اسان جي سياسي قيادت جي اولين ذميواري آهي ته اها  پنهنجي بهادر فوجي جوانن ۽ آفيسرن جو کلي ڪري ساٿ ڏي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ بيهي ڪري اهو ثابت ڪري چڏيو آهي ته اهي پاڪستان جي رياست کي سياست کان وڌيڪ مقدم ۽ محترم سمجهن ٿا.سينٽرل ڪميٽي ۽ چيپٽر انچارجن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي طرفان پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي جلسي جي اعلان کان پوءِ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي ۾ زبردست جوش و خروش پاتو وڃي ٿو ۽ پاڪستاني برادري ان کي انتهائي بروقت فيصلو قرار ڏنو آهي. انهن پاڪستان جي غيور عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 6 جولائي تي ٿيندڙ تاريخي جلسي ۾ شريڪ ٿي ڪري پاڪستان کي بچائڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪن.آخر ۾ انهن آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي هزارين ڪارڪنن ۽ همدردن جي طرفان پاڪ فوج کي پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.


5/17/2024 4:32:32 AM