Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر سيد سردار احمد جي ٽيليفون تي عيادت ڪئي.


 Posted on: 6/27/2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر سيد سردار احمد جي ٽيليفون تي عيادت ڪئي.
سيد سردار احمد جي علالت تي مون سميت ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن کي ڳڻتي آهي. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 27 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آغا خان اسپتال ۾ زير علاج ايم ڪيو ايم جي سينيئر رهنما ۽ پارليامينٽ جي ميمبر سيد سردار احمد سان ٽيليفون تي ڳالھ ڪئي ۽ انهن جي خيريت دريافت ڪئي. جناب الطاف حسين سردار احمد جي علات تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. ان کان اڳ جناب الطاف حسين سيد سردار احمد جي نياڻي کي به فون ڪيو ۽ انهن سان سيد سردار احمد جي طبيعت جي باري ۾ معلوم ڪيو. انهن جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي مطابق هاڻي انهن جي حالت بهتر آهي پر انهن کي وڌيڪ ٽيسٽن جي لاءِ انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته سردار احمد ايم ڪيو ايم جا بزرگ ۽ سينيئر رهنما آهن ۽ انهن جي علالت تي مون سميت ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن کي ڳڻتي آهي. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي سيد سردار احمد کي جلد کان جلد صحتيابي عطا ڪري.آمين.
****

5/2/2024 2:53:00 PM