Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي طرفان تاريخي اجتماع منعقد ڪيو ويندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .


 Posted on: 6/27/2014

پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي طرفان تاريخي اجتماع منعقد ڪيو ويندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .
اجتماع ۾ تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن ، سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز کي به مدعو ڪيو ويندو.
پاڪ فوج پاڪستان جي سڀني کان وڏي ۽ مشڪل ترين جنگ ۾ دشمنن سان مقابلو ڪري رهي آهي. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 27 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي طرفان تاريخي اجتماع منعقد ڪيو ويندو. جنهن ۾ تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن، سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز کي به مدعو ڪيو ويندو. انهن اها ڳالھ اڄ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. انهن رابطا ڪميٽي کي هدايت فرمائي ته اها فوري طور تي اجلاس ڪري ،انهن فرمايو ته پاڪستان جي فوج ملڪي تاريخ جي سڀني کان وڏي ۽ مشڪل ترين جنگ ۾ ملڪ دشمنن سان مقابلو ڪري رهي آهي ۽ دهشت گردن جي خاتمي جي جنگ ۾ فوج جا آفيسر ۽ جوان وڏي بهادري سان وڙهندي جام شهادت نوش ڪري رهيا آهن ۽ بي پناھ قربانيون ڏيڻ جي باوجود فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جا حوصلا جبلن وانگر مظبوط آهن. انهن دهشت گردن جي خلاف جنگ ۾ جام شهادت نوش ڪرڻ وارن فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراج عقيدت ڪي۽ دهشت گردي جي خاتمي جي جنگ ۾ مصروف آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته ٻين تمام مصروفيتن کي ترڪ ڪري دهشت گردن جي خلاف جاري جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جان جي بازي لڳائڻ جي غرض سان تمام سياسي جماعتن جو تاريخي اجتماع پاڪستان جي سڀني کان وڏي شهر ڪراچي ۾ منعقد ڪيو وڃي ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي. انهن پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مالڪن ۽ تمام نمائندن کي به درخواست ڪئي ته اهي به دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ مصروف پاڪستان جي فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ان تاريخي اجتماع جي ڪاروائي کان قوم جي ٻچي ٻچي کي آگاھ ڪرڻ ۽ يڪجهتي جي مظاهري کي ڀرپور ڪوريج ڏيئي ڪري پنهنجو قومي فرض احسن طريقي سان ادا ڪن. انهن سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن، ڪارڪنن، واپارين، صنعتڪارن، دڪاندارن ، ملازمن ، مزدورن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي روز مره جي مصروفيتن مان وقت ڪڍي ڪري فوج سان يڪجهتي جو ڀرپور مظاهرو ڪن. دهشت گردي جو مقابلو ڪندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تحت تاريخي اجتماع جي هنڌ ۽ تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

5/2/2024 2:49:26 PM