Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اتر وزيرستان جي متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم ضلع بنون جي زيراهتمام امدادي ڪيمپ جو انعقاد.


 Posted on: 6/26/2014

اتر وزيرستان جي متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم ضلع بنون جي زيراهتمام امدادي ڪيمپ جو انعقاد.
بنون؛ 26 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت جي روشني ۾ اتر وزيرستان آپريشن سان متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهن (آئي ڊي پيز) جي امداد جي لاءِ خيبرپختونخواھ ۾ ايم ڪيو ايم بنون ضلع جي زير اهتمام بنون ۾ امدادي ڪيمپ قائم ڪيو ويو آهي. ميرانشاھ امدادي ڪيمپ تي روز مره جون کاڌي پيتي جون شيون اٽو، چانور، دالون، کنڊ، چانهن جي پتي، مصالحا، گيھ، تيل ۽ منرل واٽر سميت جان بچائڻ واريون دوائون به موجود آهن. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم بنون ضلع جي انچارج عمران ورما جي سربراهي ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ بنون ضلعي ڪميٽي جي ميمبرن کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت جي روشني ۾ آئي ڊي پيز جي امداد جو سلسلو نه صرف جاري رکيو وڃي. بلڪه ان ۾ اضافو ڪندي ٻين هنڌن تي به امدادي ڪيمپون قائم ڪيون وڃن.ان کان علاوه رابطا ڪميٽي خيبرپختونخواھ سان تعلق رکندڙ مخير حضرات خصوصن واپارين، صنعتڪارن ۽ بلڊرن سميت زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارين اهم شخصيتن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اتر وزيستان جي متاثرين جي امداد جي لاءِ اڳتي اچن ۽ وڌ کان وڌ تعداد ۾ کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو امدادي سامان بنون ۾ ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپ تي جمع ڪرائين ته جيئن متاثرين جي وقت تي مدد ڪري سگهجي.


5/2/2024 2:56:01 PM