Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊاڪٽر طاهرالقادري هڪ سياسي حقيقت آهن،ان حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سياسي حقيقت کي طاقت سان ڪڇلڻ جي روش کي ترڪ ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 6/25/2014

ڊاڪٽر طاهرالقادري هڪ سياسي حقيقت آهن،ان حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سياسي حقيقت کي طاقت سان ڪڇلڻ جي روش کي ترڪ ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سانحه ماڊل ٽائون 17 جون جو پاڻمرادو نوٽس ورتو وڃي، وزير اعظم، وزير اعلٰي پنجاب ۽ تمام لاڳاپيل ذميوارن کي طلب ڪيو وڃي .
ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي پونئرن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
روز مره جي شين جي قيمتن ۾ ڪَمي ڪئي وڃي، قيمتن تي سختي سان ڪنٽرول ڪيو وڃي، ديامر ڀاشا ڊيم جي متاثرين کي جلد کان جلد معاوضو ادا ڪيو وڃي.
پاڪستان جي 37 شهرن ۾ منعقد ڪيل ايم ڪيو ايم جي جنرل ورڪر اجلاسن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 25 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڊاڪٽر طاهر القادري جي سياسي نظرين کان ته اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر اهي هڪ سياسي حقيقت آهن، ان سياسي حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سياسي حقيقت کي طاقت سان ڪڇلڻ جي روش کي ترڪ ڪيو وڃي.انهن اها ڳالھ پاڪستان جي 37 شهرن ۾ هڪ ئي وقت منعقد ڪيل ايم ڪيو ايم جي جنرل ورڪر اجلاسن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.ان سلسلي جو مرڪزي اجلاس نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ يونٽن، سيڪٽرن، زونن، تمام تنظيمي ڪميٽين ۽ شعبن سان تعلق رکڻ وارن هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.جنهن ۾ نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏو گڏ عورتن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.اهو اجلاس رمضان شريف ۾ زڪوٰت ۽ فطري جي وصولي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيو ويو هو. اجلاس کي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ عبدالحسيب به خطاب ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين ڪارڪنن ۽ عوام کي رمضان شريف جي اڳواٽ مبارڪباد به پيش ڪئي. انهن فرمايو ته اسان جي ملڪ ۾ رمضان شريف جي ويجهو ايندي ئي روز مره جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو ڪوئي به نه هوندو آهي جنهن جي ڪري غريب ماڻهو رمضان شريف ۾ اڪثر لوڻ ۽ پاڻي سان ئي روزو افطار ڪن ٿا، انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم  پهرين سستي فروٽ ۽ سبزين جا اسٽال لڳائيندي هئي پر هاڻي امن و امان جي صورتحال جي ڪري اهڙا اسٽال هڻڻ کان قاصر آهي. انهن دڪاندارن کي اپيل ڪئي ته اهي نفعو ضرور ڪمائين پر قيمتون تمام گهڻيون نه وڌائن. انهن حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته اها روز مره جي شين جي قيمتن ۾ ڪمي ڪري ۽ قيمتن ۾ پنهنجي مرضي جي اضافي تي سختي سان ڪنٽرول ڪيو وڃي،ته جيئن غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو به سحر و افطار ڪري سگهن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جو فلاحي ادارو خدمت خلق فائونڊيشن زڪوٰت ۽  فطرو وصول ڪري ٿو ته جيئن غريبن جي مدد ڪري سگهجي ۽ زلزلي ، قدرتي آفتن ۽ حادثن جي متاثرين جي به مدد ڪئي وڃي.ڪي ڪي ايف جي طرفان غريبن، بيوائن، يتيمن، غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مدد جو سلسلو سڄو سال جاري رهي ٿو. هر سال رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي ۾ هڪ وڏو امدادي پروگرام منعقد ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ هزارين غريبن ۽ مستحق ماڻهن ۾ ڪروڙين روپين جي امداد ورهائي
وڃي ٿي. انهن ڪارڪنن ۽ رضاڪارن کي تلقين ڪئي ته اهي زڪوٰت ۽ فطري جي وصولي جي سلسلي ۾ ڪٿي به وڃن ته ماڻهن سان سٺي نموني سان پيش اچن، نهايت شائستگي سان ماڻهن کي درخواست ڪن ته جيڪڏهن توهان جو دل چاهي ٿو ته اوهان ڪي ڪي ايف کي زڪوٰت ۽ فطرو ڏيو ،دل نه مڃي ته نه ڏيو، ڪارڪن ڪنهن سان به زور زبردستي يا بيهودگي نه ڪن. جنهن اهڙو ڪيو ان جي خلاف تنظيمي نظم و ضبط جي تحت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.انهن ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي شهادت جو ذڪر ڪندي فرمايو ته اسان سڀني جي ڀيڻ طاهره آصف جن پنجاب ۾ حق پرستي جو جهنڊو بلند ڪيو، دهشت گردن انهن کي لاهور ۾ وچ بازار ۾ شهيد ڪري چڏيو، انهن طاهره آصف شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي عورت ڪارڪنن کي چيو ته دهشت گردن حق پرستي جي هڪ ڏيئي کي وسائي چڏيو آهي، اوهان ميدان ۾ اچي ڪري حق پرستي جا لکين چراغ روشن ڪريو ۽ پنجاب جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ حق پرستي جو پيغام ڦيلايو. انهن دهشت گردن جي طرفان طاهره آصف شهيد جي پونئرن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي پنجاب حڪومت کي چيو ته انهن ڌمڪين جو سلسلو بند ڪرايو وڃي ۽ طاهره آصف جي پونئرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. انهن صدر مملڪت ممنون حسين کي اپيل ڪئي ته اهي طاهره آصف شهيد جي پونئرن کي ملڻ وارين ڌمڪين جو نوٽس وٺن ۽ پنجاب حڪومت جي ذميوارن کان پچاڻو ڪن. انهن 17 جون ماڊل ٽائون لاهور ۾ تحريڪ منهاج القرآن جي سيڪريٽريٽ تي پوليس جي ڪاروائي ۽ انهن جي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ جي واقعي جي مذمت ڪندي سپريم ڪورٽ کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪئي ته اها سانحه ماڊل ٽائون 17 جون جو پاڻمرادو نوٽس وٺي. وزير اعظم، وزير اعلٰي پنجاب ۽ ٻين لاڳاپيل ذميوارن کي طلب ڪيو وڃي ۽ ان سانحي جي تمام ذميوارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.جناب الطاف حسين فرمايو ته علامه طاهر القادري جي سياسي نظرئي سان ته اختلاف ڪري سگهجي ٿو، اسان به انهن جي تمام ڳالهين سان اتفاق نه ٿا ڪريون پر سياسي اختلافن جي بنياد تي گوليون هلائڻ ۽ سياسي سرگرمين ۾ طرح طرح جون رڪاوٽون وجهڻ سراسر غير جمهوري عمل ۽ ظلم آهي ، علامه طاهر القادري جي جهاز کي جهڙي طرح سان اسلام آباد جي آس پاس چڪر هڻرايا ويا، جيڪڏهن مان ان جي تفصيلات ٻڌائڻ ويهي رهيس ته وزيرن کي به چڪر اچي ويندا.انهن فرمايو ته ڪراچي ايئرپورٽ کان پوءِ دهشت گردن پشاور ايئرپورٽ کي به دهشت گردي جو نشانو بڻايو جنهن سان هڪ عورت شهيد ٿي وئي ۽ هڪ شخص زخمي ٿي ويو، ان دهشت گردي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هن وقت اسان جي فوج جا جوان قربانيون ڏيئي رهيا آهن، جام شهادت نوش فرمائي رهيا آهن پرڪجھ ماڻهو انهن حالتن ۾ فوج جو ساٿ ڏيڻ جي بجاءِ سياست ڪري رهيا آهن. مان پوري قوم کي اپيل ڪريان ٿو اهي هن وقت ڀرپور طريقي سان فوج جو ساٿ ڏين. انهن وڌيڪ فرمايو ته دهشت گردي جي خلاف جنگ جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن مان ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن کي چيو آهي ته اهي متاثرين جي امداد جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن جي پگهار عطيي ۾ ڏين. ڪي ڪي ايف به متاثرين جي امداد جي لاءِ پنهنجين سرگرمين جو ڀرپور آغاز ڪري چڏيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي به متاثرين جي مدد جي لاءِ فعال ٿي وئي آهي. انهن ٻين سياسي شخصيتن کي به اپيل ڪئي ته اهي به متاثرين جي مدد جي لاءِ پنهنجين سرگرمين جو آغاز ڪن ۽ وڌي چڙهي ڪري مدد ڪن. انهن ديامر ڀاشا ڊيم جي متاثرين جي مسئلي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته حڪومت ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ چلاس ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ جن ماڻهن کان زمينون خالي ڪرايون آهن انهن کي معاوضو ادا نه ڪيو ويو آهي.اتان جي امير ۽ بااثر طبقي سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي ته انهن جي زمينن جو معاوضو ادا ڪيو ويو آهي پر چلاس جنهن جي 70 سيڪڙو آبادي غريب آهي. انهن کي ڪيترائي سال گذرڻ جي باوجود معاوضو نه ڏنو ويو آهي،اها وڏي زيادتي آهي. ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان مسئلي تي آواز اٿاري آهي پر حڪمرانن جي ڪن تي جوئن به نه ٿي چري. ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي ۽ متاثرين کي معاوضو ادا ڪيو وڃي. انهن ڪارڪنن کي فرمايو ته اهي پنهنجي اتحاد کي برقرار رکن ۽ نظم و ضبط جي پابندي ڪن، بزرگن ۽ عورتن جو احترام ڪن ۽ نشي وارين شين خصوصن گٽڪي وغيره کان پاسو ڪن.انهن فرمايو ته گٽڪي جو استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد منهن ۽ ڳلي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي رهي آهي جنهن جو نتيجو عام طور تي موت جي صورت ۾نڪري ٿو، انهن فرمايو ته بيمار ڪارڪن سٺو ڪارڪن ٿي نه ٿو سگهي ان جي ڪري تمام ڪارڪن صحت مند زندگي گذارين. انهن سڄي دنيا جي مسلمانن کي رمضان شريف جي اڳوٽ مبارڪباد پيش ڪئي ۽روزي شريف تي مختصر روشني به وڌي.انهن روزيدارن کي چيو ته اهي ڪوشش ڪن ته هن سال رمضان شريف ۾ ايترو کاڌو کائن جيتري انهن جي بنيادي ضرورت آهي ، جيتري سحري ۽ افطار اسان عام طور تي ڪريون ٿا ان جو صرف هڪ چوٿائي حصو اسان استعمال ڪريون. ڇو ته بکيو رهڻ سان روحانيت ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ روحانيت وڌڻ سان انسان کي سڪون ملي ٿو. انهن اجتماع جا شاندار انتظامَ ڪرڻ تي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن خصوصن ڪراچي تنظيمي ڪميٽي کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.


4/27/2024 11:14:45 AM