Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊاڪٽر طاهرالقادري جي جهاز جو رخ اسلام آباد کان لاهور ڏانهن موڙڻ سان نه صرف پيٽرول ۽ وقت ضايع ٿيو بلڪه دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي به ٿي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 6/23/2014

ڊاڪٽر طاهرالقادري جي جهاز جو رخ اسلام آباد کان لاهور ڏانهن موڙڻ سان نه صرف پيٽرول ۽ وقت ضايع ٿيو بلڪه دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي به ٿي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.

ملڪ ۾ انقلاب اچي يا ڳالهيون ٿين، ٻنهي صورتن ۾ ملڪ جي مفاد کي مقدم رکيو وڃي.

سانحه 17 جون لاهور تي سوموٽو وٺڻ گهرجي ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن تي مشتمل ٽي رڪني تحقيقاتي ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي.جناب الطاف حسين.

لنڊن؛ 23 جون 2014

           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري  جي جهاز جو رخ اسلام آباد کان لاهور ڏانهن موڙڻ سان نه صرف پيٽرول ۽ وقت ضايع ٿيو بلڪه دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي به ٿي آهي. معاملي جي حل جي لاءِ جيڪو ڪجھ بعد ۾ ڪيو ويو جيڪڏهن اهو پهرين ڪري وٺجي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. انهن اها ڳالھ موجوده صورتحال جي باري ۾ اڄ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾  فرمائي.انهن فرمايو ته هن ڀيري ملڪ ۾ انقلاب اچي يا ڳالهيون ٿين ٻنهي صورتن ۾ ملڪ جي مفاد کي مقدم رکيو وڃي. بغير ڪنهن نتيجي جي ڳالهيون قوم سان مذاق هونديون. انهن فرمايو ته ملڪ نازڪ صورتحال کان گذري رهيو آهي، سرحدن تي خطرا موجود آهن، اسان جي فوج ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ ملڪ دشمن دهشت گردن سان نڀري رهي آهي. ان نازڪ صورتحال ۾ ملڪ ڪنهن به قسم جي ايڊونچرازم کي برداشت ڪري نه ٿو سگهي.انهن حالتن ۾ حڪمرانن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ سياسي جماعتن کي به ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. انهن فرمايو ته 16 جون جي رات لاهور ۾ تحريڪ منهاج القرآن جي سيڪريٽريٽ ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاھ تي جهڙي طرح سان انهن جي معصوم ۽ بي گناھ ڪارڪنن کي ماريو ويو ، بزرگن ايستائين جو عورتن کي به جنهن بي دردي سان گوليون هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو، جيڪو ظلم ڪيو ويو اهو انتهائي قابل مذمت آهي. پاڻ وزير اعلٰي پنجاب اعتراف ڪيو ته ان ڏينهن وڏو ظلم ٿيو. انهن وڏي احترام سان سپريم ڪورٽ کي مخاطب ڪندي چيو ته هاڻي اوهان تي به آنڱريون اٿڻ لڳيون آهن ان جي ڪري سپريم ڪورٽ کي پنهنجي غيرجانبداري برقرار رکڻ جي لاءِ سانحه 17 جون تي فوري طور تي سوموٽو وٺڻ گهرجي ۽ معاملي جي تحقيقات جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججن تي مشتمل ٽي رڪني ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي ۽ وزير اعظم ، وزير اعلٰي پنجاب، آئي جي پنجاب، سي سي پي او لاهور ۽ تمام لاڳاپيل حڪومتي عهديدارن ۽ آفيسرن کي طلب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کان ان سانحي جي باري ۾ پچا ڳاچا ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته هن وقت اسان کي ايترو اڳتي نه وڃڻ گهرجي جو اسان حڪومت کي ڊاهي وجهون يا اپوزيشن کي ڪهي وجهون. اسان کي معاملن کي اهڙي طرح حل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اوهان کي به تسلي ٿئي ۽ مون کي به تسلي ٿئي.

4/28/2024 9:50:45 AM