Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي پنجاب جي گورنرچوڌري سرور ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي قائد ڊاڪٽر طاهر القادري کي مبارڪباد


 Posted on: 6/23/2014

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي پنجاب جي گورنرچوڌري سرور ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي قائد ڊاڪٽر طاهر القادري کي مبارڪباد.

رابطا ڪميٽي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ذاتي دلچسپي ۽ براھ راست ڪوششن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.

ڪراچي؛ 23 جون 2014

            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي قائد جناب ڊاڪٽر طاهر القادري کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي جن جي ڪوششن جي ڪري هڪ ڊيڊ لاڪ ختم ٿيڻ ۾ مدد ملي ۽ ملڪ هڪ بحران کان بچي ويو آهي. رابطا ڪميٽي ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي ذاتي دلچسپي ۽ براھ راست ڪوششن کي به خراج تحسين پيش ڪيو جن وقت تي فيصلو ڪري ان صورتحال کي نه صرف سنڀاليو بلڪه حل به ڪرايو. رابطا ڪميٽي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي جن هميشه وانگر هن ڀيري به پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان کي اميد آهي ته آئنده به ملڪ ۾ افهام و تفهيم سان ۽ گڏجي ڪري هر بحران کان نڀرڻ جون ڪوششون جاري رهنديون.

4/27/2024 5:42:22 PM