Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قومي ۽ سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ۽ سينيٽرن سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار آئي ڊي پيز جي قائم ڪيل فنڊ ۾ جمع ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت.


 Posted on: 6/23/2014

قومي ۽ سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ۽ سينيٽرن سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار آئي ڊي پيز جي قائم ڪيل فنڊ ۾ جمع ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت.

لنڊن؛ 23 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن، سينيٽرن ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سان گڏو گڏ ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن کي به هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار ملڪ جي اتر وارن علائقن ۾ دهشت گردن جي خلاف فوج جي ڪاروائي جي نتيجي ۾ پنهنجا گهربار چڏڻ تي مجبور ٿيڻ وارن يعني آئي ڊي پيز جي لاءِ فنڊ ۾ جمع ڪرائين. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ هن وقت پنهنجي تاريخ جي انتهائي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ۽ فوج  ملڪ کي سڀني کان وڏي خطري يعني دهشت گردي سان نڀري رهي آهي ۽ پوري قوم اهڙي وقت ۾ فوج جي ڪاميابي جي لاءِ دعاگو آهي ان جي ڪري اسان سڀني جي ذميواري آهي ته اهڙي وقت ۾ دعا سان گڏو گڏ عملي طور تي پنهنجا فرض به پورا ڪريون. انهن فرمايو ته هميشه وانگر ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن، سينيٽرن ۽ هڪ هڪ ڪارڪن کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ فوري طور تي پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار آئي ڊي پيز جي قائم ڪيل فنڊ ۾ جمع ڪرائين.

4/27/2024 1:45:13 PM