Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آل ڪراچي تاجر اتحاد جي سپريم ڪائونسل جي وفد جي عتيق مير جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي سان ملاقات


 Posted on: 6/23/2014

آل ڪراچي تاجر اتحاد جي سپريم ڪائونسل جي وفد جي عتيق مير جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي سان ملاقات.

جناب الطاف حسين هميشه ڪراچي ۾ واپارين سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف آواز بلند ڪئي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.

ايم ڪيو ايم واپاري برادري سميت ملڪ جي تمام طبقن ۾ برابري ۽ رواداري جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن.عتيق مير.

ڪراچي؛ 23 جون 2014
              آل ڪراچي تاجر اتحاد جي سپريم ڪائونسل جي وفد چيئرمين عتيق مير جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ، رابطا ڪميٽي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ بابر غوري سان ملاقات ڪئي. ملاقات جي موقعي تي وفد ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي وحشياڻي قتل جي مذمت ڪندي انهن جي لاءِ مغفرت جي دعا به ڪئي.ميان عتيق چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين واپاري برادري جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي اها ئي وجه آهي ته ڪراچي جا تمام واپاري ايم ڪيو ايم سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ رهيا آهن. عتيق مير چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ واپارين جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ۽ واپارين تي مشتمل ايم ڪيو ايم تاجر رابطا ڪميٽي، جي نالي سان فورم بڻايو وڃي ته جيئن واپاري برادري ايم ڪيو ايم جي قيادت سان وڌيڪ موثر انداز ۾ مشاورت ڪري سگهي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم غريبن ۽ مظلومن جي جماعت آهي جنهن هر ڏکئي وقت ۾ ملڪ جي مظلوم ماڻهن جي حقن جي ڳالھ ڪئي آهي.ملاقات جي موقعي تي رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي جي واپاري برادري ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ اها ئي وجه آهي ته جناب الطاف حسين هميشه واپاري برادري سميت ملڪ جي هر طبقي جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي ۽ ڪراچي جي واپارين سان ٿيندڙ هر ناانصافي جي خلاف سڀني کان پهرين آواز بلند ڪئي آهي

4/28/2024 4:43:31 AM