Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حڪومت جي مرضي تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ کنا پل، آئي ٽين ۽ ڪورال چوڪ سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ پوليس گردي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 6/23/2014
حڪومت جي مرضي تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ کنا پل، آئي ٽين ۽ ڪورال چوڪ سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ پوليس گردي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.

حڪمران اهو نه وسارن ته ڪفر جي حڪومت ته هلي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت جو هلڻ ممڪن نه آهي. رابطا ڪميٽي.

ڪراچي؛ 23 جون 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ پوليس گردي ۽ کنا پل، آئي ٽين ۽ ڪورال چوڪ راولپنڊي ۾ پي اي ٽي جي ڪارڪنن تي پوليس جي طرفان حملي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته علامه طاهر القادري جي واپسي سان حڪومت پريشاني جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ اها ئي وجه آهي ته حڪومت طاهر القادري جي استقبال جي لاءِ جمع ٿيندڙ پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ منهاج القرآن جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ نه صرف جڳھ جڳھ تي ڪنٽينر بيهاري رستا بند ڪيا ويا آهن پر اسلام آباد ايئرپورٽ جي اندر به وڏي تعداد ۾ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن کي تعينات ڪيو ويو آهي. جڏهن ته کنا پل، آئي ٽين ۽ ڪورال چوڪ تي پي اي ٽي جي ڪارڪنن تي پوليس جي طرفان حملا به ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن سميت عورتون،ٻار ۽ نوجوان سخت زخمي ٿيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته رياستي طاقت جو تمام گهڻو استعمال ۽ مظلوم ماڻهن کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. انهن چيو ته حڪمرانن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت جو قائم رهڻ ناممڪن آهي.رابطا ڪميٽي پاڪستان عوامي تحريڪ جي مقامي قيادت ۽ زخمي ڪارڪنن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته تمام گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ انتقامي ڪاروائين جو سلسلو بند ڪيو وڃي

4/27/2024 11:20:24 AM