Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊاڪٽر طاهر القادري جي وطن واپسي تي حڪومت جي طرفان طرح طرح جون رڪاوٽون بيهارڻ ۽ انهن جي جهاز کي اسلام آباد لهڻ جي اجازت نه ڏيڻ قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 6/23/2014

ڊاڪٽر طاهر القادري جي وطن واپسي تي حڪومت جي طرفان طرح طرح جون رڪاوٽون بيهارڻ ۽ انهن جي جهاز کي اسلام آباد لهڻ جي اجازت نه ڏيڻ قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.

لنڊن؛ 23 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري جي وطن واپسي تي حڪومت جي طرفان طرح طرح جون رڪاوٽون بيهارڻ ۽ انهن جي جهاز کي اسلام آباد لهڻ جي اجازت نه ڏيڻ ۽ ان جو رخ لاهور ڏانهن موڙڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته ڪنهن به سياسي يا مذهبي جماعت جي ڪارڪنن جو سياسي ۽ جمهوري حق آهي ته اهي پنهنجي رهنما جو استقبال ڪن. اڄ ڊاڪٽر طاهر القادري جا هزارين ڪارڪنَ به انهن جو استقبال ڪرڻ  جي لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ پهتا هئا. پر حڪومت جي طرفان اسلام آباد کي جهڙي طرح سان سيل ڪيو ويو ۽ جهڙي طرح پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي رستي ۾ رڪاوٽون بيهاريون ويون، انهن تي شيلنگ ڪئي وئي ۽ انهن کي روڪيو ويو ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. جناب  الطاف حسين فرمايو ته حڪومت کي گهرجي ته اها عقلمندي جو مظاهرو ڪري ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي خلاف انتقامي ڪاروائين جو سلسلو بند ڪري.

4/28/2024 11:10:31 AM