Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قومي اسيمبلي ميمبر طاهره آصف شهيد جي شهادت تي ٽي ڏينهن سوڳ ملهايو ويندو. ايم ڪيو ايم جو اعلان.


 Posted on: 6/20/2014
 قومي اسيمبلي ميمبر طاهره آصف شهيد جي شهادت تي ٽي ڏينهن سوڳ ملهايو ويندو. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
واپاري ، دڪاندار ۽ ٽرانسپورٽر ٽي ڏينهن سوڳ جي دوران پنهنجو ڪاروبار۽ ٽرانسپورٽ معمول جي مطابق جاري رکن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 20 جون 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لاهور ۾ وحشي دهشت گردن جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي شهادت جي واقعي تي ٽي سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٽي ڏينهن سوڳ جي دوران ايم ڪيو ايم جون تمام سياسي و تنظيمي سرگرميون سوڳ ۾ معطل رهنديون ۽ ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ ڪارا جهنڊا لهرايا ويندا. ان ڳالھ جو اعلان رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ هنگامي اجلاس ۾ ڪيو، رابطا ڪميٽي چيو ته  طاهره آصف شهيد جي شهادت هڪ دردناڪ سانحو آهي ۽ ان کي عوام ۽ ڪارڪنن جي جذبات جو چڱي نموني اندازو آهي، پر ان جي باوجود عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل آهي ته اهي پرامن رهن ۽ ڪنهن به طرح سان ڪاوڙ ۾ نه اچن. رابطا ڪميٽي واپارين، صنعتڪارن، دڪاندارن ۽ ٽرانسپورٽرن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجو ڪاروبار جاري رکن ۽ گاڏيون به هلائين.رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته طاهره آصف شهيد جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، رابطا ڪميٽي چيو ته طاهره آصف شهيد جي قرباني رائيگان نه ويندي ۽ تحريڪ پنهنجي مشن و مقصد کي ضرور حاصل ڪندي. رابطا ڪميٽي طاهره آصف شهيد جي مڙس ميان آصف، انهن جي پٽن ۽ انهن جي تمام پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي طاهره آصف شهيد کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ تمام سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.


5/6/2024 12:34:56 AM