Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، معروف قانون دان عاصمه جهانگير ۽ جماعت اسلامي جي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ جي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي پونئرن سان ملاقات ۽ دلي تعزيت.


 Posted on: 6/22/2014

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، معروف قانون دان عاصمه جهانگير ۽ جماعت اسلامي جي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ جي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي پونئرن سان ملاقات ۽ دلي تعزيت.
لاهور؛ 22 جون 2014
          قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ، معروف قانون دان ۽ سابق صدر سپريم ڪورٽ بار عاصمه جهانگير ۽ جماعت اسلامي جي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ لاهور ۾ واقع فيڊرل لاجز ۾ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي رهائشگاھ تي وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.اياز صادق شهيد بيداري پنجاب جي مڙس ۽ ٻارن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته طاهره آصف شهيد هڪ بي خوف ۽ بهادر عورت هئي ۽ انهن جي شهادت قومي سانحو آهي. وفاقي حڪومت هر سطح تي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچائيندي.عاصمه جهانگير ۽ لياقت بلوچ ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اسان شهيد طاهره آصف جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ انهن جي پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. انهن چيو ته ڪنهن جمهوري  حڪومت ۾ اسيمبلي جي عورت ميمبر جو قتل  حڪومت جي رٽ تي سواليه نشان آهي. شهيد طاهره آصف جي پونئرن تعزيت جي لاءِ ايندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان اوهان جا شڪر گذار آهيون جو اوهان ڏک جي ان گهڙي ۾ تڏي تي لڙي آيو.


4/27/2024 8:52:30 PM