Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جمهوريت جو دعوٰي ڪرڻ وارن حڪمرانن کان ئي ملڪ جي استحڪام کي خطرو آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار


 Posted on: 6/22/2014

جمهوريت جو دعوٰي ڪرڻ وارن حڪمرانن کان ئي ملڪ جي استحڪام کي خطرو آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
پاڪستان پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي، ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪائي به شي نظر نه ٿي اچي.
پنجاب ۾ منهاج القرآن ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي غيرقانوني گرفتارين ۽ آفيسون سيل ڪرڻ جي مذمت.
جمهوريت جي ريل وڏي مشڪل سان پٽڙي تي چڙهي آهي، منفي ، غيرجمهوري ۽ آمرانه قدمن جي ڪري ڪٿي اها ريل پٽڙي تان لهي نه وڃي. بابر غوري.
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏجي ڊاڪٽر فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 22 جون 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته جمهوريت جو دعوٰي ڪرڻ وارن حڪمرانن کان ئي ملڪ جي استحڪام کي خطرو آهي، حڪومتي رويي جي ڪري اڄ ملڪ جي صورتحال انتهائي ڳڻتي واري آهي، پاڪستان پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي، ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪائي به شي نظر نه ٿي اچي. انهن چيو ته اسان جهوريت ۽ سياسي رويين سان گڏ آهيون ۽ ان کان به وڌي ڪري اسان ملڪ جي استحڪام سان گڏ آهيون. پر جٿي جمهوريت ۾ آمرانه ، جارحانه ۽ انتقام وارو رويو اختيار ڪيو وڃي اسان بلڪل به ان سان گڏ نه آهيون.انهن خيالن جو اظهار انهن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن بابر خان غوري، ڊاڪٽر صغير احمد ، نثار پنهور ۽ گلفراز خان خٽڪ سان گڏجي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر فاروق ستار منهاج القرآن ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ آفيسن کي سيل ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته جهڙي طرح سان ملڪ جي وڏي صوبي ۾ حڪومت هلائي پئي وڃي ۽ اتي ڪوئي به سياسي ۽ جمهوري رويو نظر نه اچي، ۽ اتي اهو رويو نظر اچي ته هڪ جماعت جي ڪارڪنن کي پنهنجي قائد جي استقبال کان روڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ حڪومتي مشينري جو بي تحاشا استعمال ڪيو وڃي.انهن چيو ته ڪنهن به جماعت جي رهنما ۽ قائد جو وطن واپس اچڻ ۽ انهن جي چاهڻ وارن جي طرفان ان جو استقبال ڪرڻ ، جلسا ڪرڻ اهو جمهويت جو حسن آهي ۽ ان ۾ حڪومت کي مڪمل تعاون ڪرڻ گهرجي .انهن چيو ته جهڙي طرح سان پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ منهاج القرآن جي ڪارڪنن جي گهرن تي چاپا هڻي ڪري گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جي آفيسن کي سيل ڪيو پيو وڃي ان رويي کي ڪنهن به طرح سان جمهوري چئي نه ٿو سگهجي ۽ اهو صرف ۽ صرف آمرانه قدم آهي. انهن چيو ته اها ڪهڙي وائڙائپ ۽ خوف آهي جنهن جي ڪري پنجاب کي پوليس اسٽيٽ بڻايو ويو آهي ۽ ملڪ جي گادي وارو هنڌ اسلام آباد پوليس اسٽيٽ نظر اچي رهيو آهي.انهن چيو ته اڄ ملڪ جي استحڪام کي جيتري قدر خطرو آهي اهو جمهوريت جي دعويدارن کان ئي آهي. ڏاڍ جي ذريعي ڪنهن جي آواز کي دٻائڻ وارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف ڪري نه ٿو سگهجي.انهن وڌيڪ چيو ته علامه ڊاڪٽر طاهر القادري پاڪستان جا شهري آهن ۽ هڪ جماعت جا سربراھ به آهن، انهن کي وطن واپسي جي پوري اجازت هجڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي به رڪاوٽون بيهاريون ويون آهن انهن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي  ته جيئن انهن جي واپسي سهڻي نموني سان ممڪن ٿي سگهي.انهن چيو ته اسان جمهوريت ۽ سياسي رويي سان گڏ آهيون ۽ ان کان به وڌي ڪري اسان ملڪ جي استحڪام سان گڏ آهيون. پر جيڪڏهن جمهوريت ۾ آمرانه رويو اختيار ڪيو ويو ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان قطعي طور تي به ان سان گڏ نه آهيون.انهن پاڪستان عوامي تحريڪ جي مرڪزي ۽ مقامي رهنمائن احمد نواز انجم، ساجد محمود ڀٽي ۽ انيس مصطفٰي سميت سوين ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.تمام سيل ڪيل آفيسن کي کوليو وڃي ۽ لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي تمام شهرن ۾ رڪاوٽون بيهارڻ جي عمل کان پرهيز ڪيو وڃي.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ان حساس نوعيت جي مسئلي کي انتهائي ويجهڙائي کان ڏسي رهيا آهن.جڏهن ته اسان به عوام کي وقفي وقفي سان آگاھ ڪرڻ جي لاءِ پريس بريفنگ جو اهتمام ڪيو آهي. انهن حڪمرانن کي چيو ته اهي به سڄي ملڪ کي بردباري سان ڊيل ڪن ۽ سياست ۽ جمهوريت کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواريون پوريون ڪن. انهن چيو ته وزير اغظم ۽ وزير اعلٰي پنجاب کي پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻي پوندي.انهن شمالي وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف جاري فوجي آپريشن ضرب عضب جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته فوج ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ دهشت گردن سان نڀري رهي آهي. پر حڪمران ان آپريشن کي لتاڙڻ ۽ عوام جي توجه ان تان هٽائڻ جي لاءِ ان قسم جا گندا هٿڪنڊا استعمال ڪري رهيا آهن.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم طاهره آصف شهيد جي شهادت سان پنهنجو حصو ان آپريشن جي ڪاميابي ۾ وجهي چڏيو آهي.هاڻي حڪمرانن جو وارو آهي ته اهي اڳتي وڌي ڪري دهشت گردن جي مخالفت ڪن ۽ فوج جو ساٿ ڏين.ان کان پوءِ بابر غوري چيو ته گذريل ڏهن سالن ۾ جمهوريت جي ريل وڏي مشڪل سان پٽڙي تي چڙهي آهي. ان قسم جي منفي ، غيرجمهوري ۽ آمرانه قدمن جي ڪري ڪٿي اها ريل پٽڙي تان لهي نه وڃي.انهن چيو ته ان قسم جا ظلم ته ان دور ۾ به نه ٿيا هئا جنهن کي اهي جمهوريت جا دعويدار آمرانه دور چوندي نه ٿا ٿڪجن، ان دور ۾ به پنجاب سميت ڪنهن به صوبي ۾ عورتن سان ڪڏهن به اهڙو سلوڪ نه ڪيو ويو هو، جهڙي طرح ماڊل ٽائون ۾بي گناھ عورتن تي گوليون وسائي ڪري ڪيو ويو ۽ هڪ عورت اسيمبلي ميمبر کي ڏينهن ڏٺي جو بيدردي سان قتل ڪيو ويو.


4/28/2024 11:52:42 AM