Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام شهيد بيداري پنجاب طاهره آصف جي ٽيجهي جو اجتماع نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو.


 Posted on: 6/22/2014

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام شهيد بيداري پنجاب طاهره آصف جي ٽيجهي جو اجتماع نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو.
ٽيجهي جي اجتماع ۾رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
ڪراچي؛ 22 جون 2014
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ شهيد بيداري پنجاب ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي ٽيجهي جو اجتماع  منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، انجنيئر ناصر جمال، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، حيدر عباس رضوي، ڪنور خالد يونس، امين الحق، ڊاڪٽر صغير احمد، احمد سليم صديقي، اسلم آفريدي، گلفراز خان خٽڪ، ڪهف الورٰي، توصيف خانزاده، آنسه ممتازانوار،  اسيمبلين جي حق پرست  ميمبرن،شعبن جي ذميوارن، سيڪٽر و يونٽن جي ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي حق پرست سينيٽر مولانا تنويرالحق ٿانوي وڏي خشوع و خضوع سان محترمه طاهره آصف شهيد جي مغفرت ۽ انهن جي درجات جي بلندي جي لاءِ فاتحه خواني ڪرائي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سميت شهيد جي مڙس ، ٻارڙن ۽ تمام سوگوار پونئرن جي لاءِ صبر جميل، پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي ، ضرب عضب جي ڪاميابي، سازشن جي خاتمي، اسيرن جي رهائي، لاپتا ڪارڪنن جي واپسي، پاڪستان جي بقا و سلامتي ، دهشت گردي جي خاتمي ۽ قوم جي خوشحالي سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون.


4/27/2024 12:15:13 PM