Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آل پاڪستان مسلم ليگ جي وفد نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات ڪئي


 Posted on: 6/22/2014
آل پاڪستان مسلم ليگ جي وفد نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات ڪئي.
حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪرڻ وڏو ظلم آهي. آل پاڪستان مسلم ليگ.
ڪراچي؛ 22 جون 2014
سابق صدر مملڪت پرويز مشرف جي جماعت آل پاڪستان مسلم ليگ جي هڪ وفد نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي ۽ نثار پهنور سان ملاقات ڪئي ۽ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي شهادت تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفد ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته هڪ عورت اسيمبلي ميمبر کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪرڻ وڏو ظلم آهي ۽ ان افسوسناڪ واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. وفد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ شهيد طاهره آصف جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي طاهره آصف شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي صبر جميل عطا فرمائي.رابطا ڪميٽي وفد جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان کان اڳ به اسان جي حق پرست ميمبرن کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي محترمه طاهره آصف کي باقائده سڃاڻپ ڪري شهيد ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي رهنمائن، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن جا حوصلا بلند آهن ۽ هر قسم جي آزمائشن ۾ ثابت قدم رهيا آهن ۽ انشاء الله تعالٰي آئنده به ثابت قدم رهندا.


4/27/2024 11:48:49 AM