Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنما عمر رياض عباسي، ٻين رهنمائن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون کليل ظلم آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.


 Posted on: 6/22/2014
پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنما عمر رياض عباسي، ٻين رهنمائن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون کليل ظلم آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
 پاڪستان جي حڪومت عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي پنهنجي قائد جي استقبال کان روڪڻ جي لاءِ طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي. نديم نصرت.
لنڊن؛ 22 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت پاڪستان عوامي تحريڪ جي مرڪزي رهنما عمر رياض عباسي ۽ ٻين رهنمائن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته سانحه 17 جون جي ذميوارن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ موجوده حڪومت اسلام آباد سميت سڄي پنجاب ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهمنائن ۽ ڪارڪنن جي وڏي پيماني تي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري چڏيو آهي،ان جي قافلن کي طاقت جي ذريعي روڪيو پيو وڃي ، اسلام آباد ايئرپورٽ ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ اسلام آباد شهر ۾ موبائيل فون سروس به معطل ڪئي پئي وڃي اهو جمهوريت ۽ عوام جي جمهوري حقن جون ڌڄيون اڏائڻ جي برابر آهي.نديم نصرت چيو ته جلسا، مظاهرا ۽ ريليون منعقد ڪرڻ هر سياسي ۽ مذهبي جماعت جو آئيني ، قانوني ۽ جمهوري حق آهي. پر پاڪستان جي حڪومت عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي پنهنجي قائد جي استقبال کان روڪڻ جي لاءِ جهڙي طرح سان طاقت جو بيجا استعمال ڪري رهي آهي ۽ طاقت جي ذريعي انهن کي ڪڇلڻ جي لاءِ جيڪي ظالماڻه قدمَ کڻي رهي آهي اهي انتهائي قابل مذمت ۽ آمرانه آهن. نديم نصرت مطالبو ڪيو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنما عمر رياض عباسي، ٻين رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ کي رياستي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ ۽ ان کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.


5/5/2024 3:58:33 PM