Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بقا و سلامتي جي جنگ وڙهي رهي آهي . ڊاڪٽر فاروق ستار.


 Posted on: 6/21/2014
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بقا و سلامتي جي جنگ وڙهي رهي آهي . ڊاڪٽر فاروق ستار.

رت جو آخري قطرو وهائي ڪري به ملڪ کي جناح جو اعتدال پسند ۽ غريبن جو پاڪستان بڻائي ڪري دم وٺنداسين.

ضرب عضب سان دهشت گردن جي مقدر جو فيصلو ٿي چڪو آهي پر ان سلسلي جي پهرين قرباني اسان جي حصي ۾ لڪيل هئي.حيدر عباس رضوي.

سينيٽر تنويرالحق ٿانوي ، محمود شام، ڪنور نويد جميل، احمد شاھ، سراج قاسم تيلي ، آغا مسعود، امين يوسف، اعجاز فاروقي، عباس ڪميلي ۽ ٻين جو طاهره آصف شهيد جي تقريب کي لعل قلعه گرائونڊ ۾ خطاب.

ڪراچي؛ 21 جون 2014

            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بقا و سلامتي جي جنگ وڙهي رهي آهي ان جنگ ۾ اڄ ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف کي شهيد ڪيو ويو آهي. پر سڀاڻي جيڪڏهن اسان جي هڪ هڪ سينيٽر ۽ پارليامينٽ جي هڪ هڪ ميمبر کي به قتل ڪيو وڃي ته به اسان ان جنگ کان دستبردار نه ٿينداسين ۽ پاڪستان کي ڪنهن به صورت ۾ دهشت گردن جو پاڪستان بڻجڻ نه ڏينداسين بلڪه رت جي آخري قطري تائين پاڪستان کي جناح جو اعتدال پسند ۽ غريبن جو پاڪستان بڻائي ڪري ئي دم وٺنداسين.انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي لعل گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.تقريب ۾ شرڪاء طاهره آصف شهيد جي ياد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ۽ انهن جي تصوير جي سامهون گل رکي ڪري انهن کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو ويو . ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته طاهره آصف شهيد آهن ۽ اهي زنده آهن ۽ اسان جي وچ ۾ موجود آهن انهن چيو ته ڪڏهن به ظلم جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين،اڄ طاهره آصف کي شهيد ڪيو ويو آهي پر سڀاڻي جيڪڏهن اسان جي هڪ هڪ سينيٽر ۽ اسيمبلين جي هڪ هڪ ميمبر کي ۽ ڪارڪنن کي قتل ڪيو وڃي ته به اسان پاڪستان کي دهشت گردن جو پاڪستان بڻجڻ نه ڏينداسين. بلڪه هر حال ۾ جناح جو اعتدال پسند ۽ انصاف پسند پاڪستان بڻائينداسين. انهن چيو ته جڏهن دهشت گردن جي خلاف ضرب عضب جو آغاز ٿيو ته متحده قومي موومينٽ هر طرح سان ان جي حمايت ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي بقا و سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ جيڪڏهن متحده قومي موومينٽ جي ڪارڪنن جي ضرورت آهي ته اهي حاضر آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بقا و سلامتي جي جنگ وڙهي رهي آهي.اسان اونڌاهين ۾ زندگي گذاري آهي پر هاڻي جيڪا صبح ايندي اها اسان جي هوندي. انهن طاهره آصف شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان ان جنگ کان دستبردار نه ٿينداسين. انهن سانحه ماڊل ٽائون جي تمام شهيدن ۽ طاهره آصف شهيد جي تمام پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي ان قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته جيڪي به عناصر ان قتل ۾ ملوث آهن انهن کي گرفتار ڪري قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي.انهن پاڪستاني فوج کي يقين ڏياريو ته پوري قوم اوهان سان گڏ آهي . رابطا ڪميٽي ميمبر حيدر عباس رضوي چيو ته ضرب عضب سان دهشت گردن جي مقدر جو فيصلو ٿي چڪو آهي پر ان جي پهرين قرباني اسان جي حصي ۾ آئي آهي ، طاهره آصف شهيد کي ڏينهن ڏٺي جو دهشت گردن گولين جو نشانو بڻايو. طاهره آصف پاڪستان جي سربلندي جي لاءِ جام شهادت نوش ڪيو آهي.انهن طاهره آصف شهيد جي ٻارن ۽ ٻين سوگوارن پونئرن کي يقين ڏياريو ته طاهره آصف جو رت رائيگان نه ويندو.تقريب کي سينيئر صحافي محمود شام خطاب ڪندي چيو ته طاهره آصف جو قتل ضرب عضب کي لتاڙڻ جي سازش جو حصو آهي.انهن طاهره آصف جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته اهي هر حال ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جناب الطاف حسين سان گڏ آهن. تقريب کي آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاھ خطاب ڪندي چيو ته اسان اهو ملڪ ان جي ڪري نه بڻايو هو جو هتي اسان جي امڙين ۽ نياڻين کي بي دردي سان قتل ڪيو وڃي.معروف صنعتڪار سراج قاسم تيلي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته دهشت گردي جي خلاف جيڪو ايم ڪيو ايم جو موقف آهي اهو ئي اسان جو به موقف آهي.اسان هر حال ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏ آهيون.انهن چيو ته ڪراچي جي لڙائي اسان جي پنهنجي لڙائي آهي اسان ڪراچي وارا آهيون ۽ هر طرح جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون.تقريب کي رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي صدر عبدالله ذڪي، معروف ڪالم نگار آغا مسعود حسين، پي ايف يو جي جي جنرل سيڪريٽري امين يوسف، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر امتياز فاران، حق پرست سينيٽر تنويرالحق ٿانوي ۽ ٻين به تقريب کي خطاب ڪيو.ان کان علاوه محترمه طاهره آصف شهيد جي ياد ۾ ڪراچي ۽ لاهور کان علاوه سڄي ملڪ ۾ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون .


5/6/2024 1:47:44 AM