Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جيو ۽ جيئڻ ڏيو تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ايم ڪيو ايم جيو ۽ جيئڻ ڏيو تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 6/11/2014

 
ايم ڪيو ايم جيو ۽ جيئڻ ڏيو تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان تمام قومن، نسلن ۽ لساني اڪائين جو احترام ڪريون ٿا ۽ انهن جي حقن کي تسليم ڪريون ٿا.جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم ڪراچي کان ڪنهن به نسلي يا لساني اڪائي کي ڪڍڻ نه ٿي چاهي.
اي پي ايم ايس او جي قيام کان وٺي  اڄ تائين مان پنهنجن ڪارڪنن کي هميشه عدم تشدد جو درس ڏنو آهي، معياري تعليم جي حصول، ڏوهاري ۽ سماج دشمن سرگرمين کان پري رهڻ ۽ سٺي شهري بڻجڻ جي تعليم ڏني آهي.
اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي اجتماعن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 11 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جيئو ۽ جيئڻ ڏيو تي يقين رکي ٿي، اسان تمام قومن ۽ نسلي و لساني اڪائين جو احترام ڪريون ٿا ۽ انهن جي حقن کي تسليم
2
ڪريون ٿا، ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته معاشري ۾ لساني ۽ ثقافتي فرق جي بجاءِ هڪ قوم جو تصور مضبوط ٿئي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي کان ڪنهن به نسلي يا لساني اڪائي کي ڪڏهن به ڪڍڻ نه ٿي چاهي. اسان ڪنهن سان نفرت نه ٿا ڪريون بلڪه سڀني سان پيار ڪريون ٿا، اسان هڪ پرامن ۽ پيار ڪرڻ وارو معاشرو چاهيون ٿا.اسان يقين ڏياريون ٿا ته ڪراچي سڀني جو آهي ،ڪراچي صرف اردو ڳالهائڻ وارن جو نه بلڪه تمام پختونن، پنجابين، سنڌين، بلوچن، سرائيڪين، ڪشميرين ۽ هزاري وال سميت تمام قومن ۽ برادرين جو شهر آهي. تمام قومن جو ڪراچي تي ايترو ئي حق آهي جيترو اردو ڳالهائڻ وارن جو حق آهي.اها ڳالھ انهن اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ جناح گرائونڊ ڪراچي سميت پاڪستان جي 38 شهرن کان وڌيڪ شهرن ۾ منعقد ٿيندڙ اجتماعن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي . پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين سڄي دنيا ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدرد عوام کي اي پي ايم ايس او جي يوم تاسيس جي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته اڄ کان 36 سال اڳ ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او جي بنياد رکي وئي . جنهن جي جسم کان مهاجر قومي موومينٽ جنم ورتو،جيڪا بعد ۾ متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ٿي وئي. اي پي ايم ايس او جي قيام کان وٺي مان اڄ تائين پنهنجن ڪارڪنن کي هميشه عدم تشدد جو درس ڏنو آهي، معياري تعليم جي حصول، ڏوهارين ۽ سماج دشمن سرگرمين کان پري رهڻ  ۽ سٺو شهري بڻجڻ جي تعليم ڏني آهي. ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي جي حقن، پاڪستان کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جي خاتمي ۽ سچي جمهوريت جي قيام جي لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي هر شهري جي وجود کي ۽ حقن کي تسليم ڪري ٿي ۽ چاهي ٿي ته پاڪستان ۾ وسندڙ تمام ماڻهو بغير ڪنهن رنگ و نسل، زبان، مسلڪ ، عقيدي ۽ مذهب جي  فرق ڪرڻ کان سواءِ هڪ ٻئي جو احترام ڪن ۽ ڪنهن سان به نفرت نه ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته معاشري ۾ لساني ۽ ثقافتي فرق جي بجاءِ هڪ قوم جو تصور مضبوط ٿئي ۽ پاڪستان ۾ ماڊريٽ ، لبرل ۽ روشن خيال معاشرو تشڪيل پائي. انهن فرمايو ته اسان مذهبي انتها
پسندي، مذهبي جنونيت ۽ فرقي واريت جي خلاف آهيون، پاڪستان ۾ رهندڙ ديوبندي هجن، بريلوي هجن، شيعا هجن يا ڪنهن به فقه ۽ مسلڪ سان تعلق رکندڙ هجن سڀني کي قرآن پاڪ جي تعليمات ته توهان جو دين توهان وٽ ۽ اسان جو دين اسان وٽ ، جي مطابق درس ڏيڻ چاهيون ٿا. قرآن پاڪ ۾ ارشاد پاڪ آهي ته لااڪراه في الدين ، يعني دين ۾ ڪوئي به ڏاڍ نه آهي. ان جي ڪري ڪنهن کي به اهو حق نه ٿو پهچي ته اهو پنهنجو عقيدو ٻئي جي عقيدي تي مسلط ڪري.پاڪستان هڪ خودمختيار رياست آهي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي خطاب ۾ فرمايو هو ته هاڻي پاڪستان آزاد ٿي چڪو آهي، پاڪستان جي تمام شهرين کي زندگي جي هر شعبي ۾ برابري جي بنياد تي حقَ ميسر هجن. انهن فرمايو ته مان الله سائين کان سواءِ ڪنهن کان به نه ٿو ڊڄان ۽ مان هميشه پاڪستان ۾ وسندڙ غيرمسلمن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي مان اڄ به چوان ٿو ته مون کي لفظ اقليت کان نفرت آهي جنهن ڏينهن به ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ آئي ته اسان آئين ۾ ترميم ڪري اقليت جو متبادل لفظ آڻينداسين، ته جيئن مذهب جي بنياد تي ڪنهن سان به تفريق نه ٿئي .انهن فرمايو ته اسان جي خلاف منفي پروفيگنڊو ڪيو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم ٻين قومن جي دشمن آهي اسان جا مخالف نوٽ ڪري وٺن ته ڪراچي شهر سڀني جو آهي پوري پاڪستان جو شهر آهي اسان ڪراچي کان ڪنهن به پنجابي، سنڌي، بلوچي، پختون، سرائيڪي، ڪشميري، هزاري وال، گلگتي بلتستاني ۽ ٻين قومن يا مذهبي و لساني گروپن کي ڪڍڻ نه ٿا چاهيون. پاڪستان جي ڪنهن به قوم سان تعلق رکڻ وارا جيڪي به پنهنجن ٻارن ٻچن سميت سالن کان رهندا پيا اچن ۽ مرڻ کان پوءِ اهي هتي ئي دفن ٿين ٿا اهي ڀلي ڪنهن به قوم سان تعلق رکندڙ هجن، انهن جو ڪراچي تي ايترو ئي حق آهي جيترو اردو ڳالهائڻ وارن جو آهي. ايم ڪيو ايم تمام قومن کي يقين ڏياري ٿي ته ايم ڪيو ايم انهن کي ڪڍڻ جي لاءِ نه بلڪه انهن جي جان و مال ۽ عزت و آبرو جي تحفظ جي لاءِ آهي، ايم ڪيو ايم اهڙو معاشرو تشڪيل ڏيڻ چاهي ٿي جتي سڀ عزت ۽ احترام جي زندگي بسر ڪري سگهن. ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب ۽ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو.اسان ڪراچي ۾ نفرت نه بلڪه پيار ، محبت ۽ ڀائي چاري جي فضا کي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا،.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم تي ننڍا وڏا بي بنياد الزام عائد ڪيا ويا پر ايم ڪيو ايم جي قيام کان وٺي اڄ تائين ايم ڪيو ايم جيئو ۽ جيئڻ ڏيو ۽ هڪ ٻئي کي تسليم ڪريو جي پاليسي تي گامزن آهي. ايم ڪيو ايم هر قسم جي تشدد جي خلاف آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان جي مظلوم ۽ محروم عوام جا حق پرامن ۽ جمهوري طريقي سان حاصل ڪيا وڃن. اسان تشدد جي سياست کان نفرت ۽ امن سان پيار ڪريون ٿا. انهن فرمايو ته جڏهن 3 فيبروري 1981 تي اسلامي جميعت جي ٿنڊر اسڪواڊ اسان تي مسلح حملو ڪيو ۽ اسان کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ڪراچي يونيورسٽي کان ٻاهر ڪڍي چڏيو ته اسان بدلو وٺڻ کان پاسو ڪيو ۽ صرف امن جي خاطر پنهنجي تعليم کي اڌ ۾ چڏڻ گوارا ڪيو. مون کي پاڪستان ۾ ٽي ڀيرا گرفتار ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو مان پنهنجي قيد جي دوران ڪارڪنن کي اها ئي تلقين ڪئي ته حڪمران جيستائين مون کي ڪوڙن مقدمن ۾ جيل ۾ رکڻ چاهين ته رکڻ ڏيو ،منهنجو ضمير ڄاڻي ٿو ته تمام مقدما ڪوڙا آهن، ڀلي مان سو سال تائين به جيل ۾ رهان پر اوهان ان جي خلاف پرامن احتجاج ڪجو ، جلاءٌ گهيراءٌ نه ڪجو ۽ ڪنهن کي به نقصان نه پهچائجو. انهن فرمايو ته جڏهن سهراب ڳوٺ تي منشيات فروشن جي خلاف ڪاروائي جي رڌ عمل ۾ قصبه و علي ڳڙھ ڪالوني ۾ قتل عام ڪيو ويو ته مان ان تي به ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي تلقين ڪئي . منهنجي 70 ساله ڀاءُ ناصر حسين شهيد ۽ 28 ساله ڀائيٽي عارف حسين شهيد سميت 15 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو پر اسان تشدد جو رستو اختيار نه ڪيو. منهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي 9 ڊسمبر 1995 تي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو ته مان لنڊن ۾ پنهنجن ساٿين کي چيو ته مان پاڻ تعزيتي بيان لکندس ۽ مان ان بيان ۾ اها ئي تلقين ڪئي ته منهنجي خاندان جا ماڻهو شهيد ٿيا آهن لحاظه ڪوئي به بدلو نه وٺجو ۽ قانون کي هرگز به پنهنجن هٿن ۾ نه کڻجو.اهڙي طرح جڏهن مون کي لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ مون کي لنڊن سيڪريٽريٽ ۾ رابطي جي لاءِ ٽيليفون جي سهولت فراهم ڪئي وئي ته مان عوام ۽ ڪارڪنن کي اهو ئي پيغام ڏنو ته اهي هرگز به مشتعل نه ٿين ۽ هر قيمت تي امن کي برقرار رکن. خدا جو شڪر آهي ته عوام ۽ ڪارڪنن منهنجي تلقين تي عمل ڪيو اهي پرامن رهيا ۽ ايم ڪيو ايم جي ان قدم کي نه صرف پاڪستان بلڪه بين الاقوامي سطح تي به ساراهيو. انهن فرمايو ته سڄي پاڪستان ۾ عوام ۽ ڪارڪنن مون سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ڌرڻا ڏنا. سخت اُس ۾ بک ۽ اڃ برداشت ڪئي ۽ پرامن مظاهرا ڪيا جنهن تي مان هڪ هڪ امڙ ، ڀيڻ ، نياڻي، بزرگن ۽ نوجوانن کي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ، مان مالي طور تي امير نه آهيان، منهنجي پاڪستان يا ٻاهرين ملڪن ۾ ڪائي به جائيداد نه آهي ، 22 سالن کان جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ لنڊن ۾ منهنجا ۽ منهنجن ساٿين جا تحريڪي خرچَ  چندن ۽ عطين مان پورا ڪيا وڃن ٿا. مان پنهنجن پرعزم ۽ جان نثار ساٿين کي سون ، هيرن يا پيسي جي شڪل ۾ انعام نه ٿو ڏيئي سگهان.پر الله تعالٰي ڄاڻي ٿو ته مان دل جي گهرائي سان چوان ٿو ته مان اوهان سڀني سان محبت ڪريان ٿو . انهن اجتماعن جي شرڪاء کي مخاطب ڪندي انهن کي يقين ڏياريو ته اوهان هرگز به حوصلو نه هاريو. منهنجي خلاف تمام مقدما ڪوڙا آهن ۽ مان انهن مقدمن جي خلاف پنهنجي وڪيلن جي ذريعي قانوني جدوجهد ڪندس. انهن ڪارڪنن کي فرمايو ته منهنجو مقدمو ڪورٽ ۾ آهي مان برطانيه جي عدالتي نظام جو احترام ڪريان ٿو منهنجا وڪيل قانون جي مطابق منهنجي مقدمي کي ڏسي رهيا آهن لحاظه اوهان پرامن رهو ۽ صبر کان ڪم وٺو. انهن فرمايو ته برطانوي پوليس  حراست جي دوران منهنجو وڏو خيال رکيو ۽ مان اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۽ ميٽروپوليٽن پوليس جي تمام آفيسرن ۽ اهلڪارن جو خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن حراست جي دوران هر قسم جي مون کي سهولت فراهم ڪئي.انهن ڪارڪنن کي فرمايو ته اوهان مون کي 36 سالن کان ڏسي رهيا آهيو مان اوهان کي ڪڏهن به ڌوکو نه ڏنو آهي اوهان يقين رکو مان صرف الله سائين جي اڳيان سرجهڪايان ٿو.منهنجو سر ڪٽجي ته سگهي ٿو پر ڪنهن به طاقت جي اڳيان جهڪي نه ٿو سگهي. انهن ڪراچي ايئرپورٽ تي طالبان دهشت گردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي، رينجر، پوليس، ڪارگو ڪمپنين ۽ پي آئي اي جي ملازمن جي پوئنرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي .انهن تفتان ۾ دهشت گردي جي واقعي ۾ زائرين جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ فرمايو ته  جن انهن زائرين کي شهيد ڪيو آهي اهي وحشي آهن. ان کان پهرين به ڪوئيٽا ۽ بلوچستان جي ٻين شهرن ۾ معصوم زائرين کي بسن مان لاهي ڪري انهن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري بي دردي سان انهن کي شهيد ڪيو ويو.پر قاتلن کي هن مهل تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي.هاڻي جڏهن ته طالبان دهشت گردن جي خلاف آپريشن جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته بلوچستان ۾ زائرين جو قتل عام ڪرڻ وارن کي به گرفتار ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته فوجي تنصيبات، مسجدن، امام بارگاهن، بزرگن جي مزارن تي خودڪش ڌماڪا ڪرڻ وارن ۽ معصوم شهرين جي رت سان هولي کيڏڻ وارن طالبان سان ڳالهين جا اسان پهرين به قائل نه هئاسين پر جڏهن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ تمام سياسي جماعتن طالبان سان ڳالهن جي ڳالھ ڪئي ته اسان به ان تي اتفاق ڪري ورتو ڇو ته اسان ضدي نه آهيون.ڳالهين کان پوءِ به طالبان دهشت گردن بمن جا ڌماڪا ڪيا ، فوجين جا ڳلا ڪٽيا، فوجي تنصيبات تي دهشت گردن جي حملن جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي ، ان جي ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته امن جي خاطر پاڪستان کي انهن دهشت گردن کان نجات ڏياري وڃي. ان سلسلي ۾ وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت کي به گهرجي ته اها به دهشت گردن کان نجات جي لاءِ فوج سان گڏ هڪ پيج تي اچي وڃي. انهن طالبان سان ڳالهين جي ڳالھ ڪرڻ وارن کي به اپيل ڪئي ته اهي خدا جي واسطي پنهنجي موقف تي نظرثاني ڪن ۽ انهن جي خلاف ڪنهن به رعايت جي ڳالھ نه ڪن. اڄ عراق جي شهر موصل تي القائده جو قبضو ٿي چڪو آهي ان جي ڪري دير نه ڪرڻ گهرجي ڀلي ڪنهن به مذهب ، مسلڪ يا عقيدي سان تعلق رکڻ وارا ڇو نه هجن سڀئي هڪ پيج تي اچي وڃو ۽ گڏجي ڪري فوج جو ساٿ ڏيون. انهن فرمايو ته مان فوج کي سلوٽ پيش ڪريان ٿو ۽ فوج کي يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ڪوئي اوهان جو ساٿ ڏي يا نه ڏي ايم ڪيو ايم اوهان سان گڏ آهي ۽ اوهان جيترا به ڪارڪن چوندو اسان ملڪ جي دفاع جي خاطر پيش ڪنداسين. اسان جا نوجوان ئي نه بلڪه امڙيون ۽ ڀينرون به وطن جي دفاع جي لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. انهن فرمايو ته جاگيرداراڻه نظام جي  ڪري سنڌ جا غريب هاري اڄ به غلامن جهڙي زندگي گذاري  رهيا آهن ، انهن سنڌي ڳالهائڻ وارن غريب هارين ، مزدورن ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم اوهان جي پنهنجي جماعت آهي. انهن فرمايو ته منهنجي گرفتاري کان پوءِ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ تمام قومن جا ماڻهو ئي نه بلڪه تمام مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارا عالم سڳورا ، هندو، عيسائي، سک ، بوهري ۽ اسماعيلي آيا، واپاري ، دڪاندار، فنڪار ،صحافي ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو اظهار ڪرڻ آيا، مان انهن سڀني کي سلام ۽ شاباش پيش ڪريان ٿو .انهن امڙين، ڀينرن، نوجوانن ، بزرگن ۽ ٻارن کي به دل جي گهرائين سان خراج تحسين پيس ڪيو ۽ انهن جي لاءِ دعائون به ڪيون.

 
 

5/1/2024 9:36:39 PM