Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منهنجي گرفتاري تي ڪارڪنن ۽ عوام پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج رجسٽرڊ ڪرائي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري چڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم عدم تشدد تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .


منهنجي گرفتاري تي ڪارڪنن ۽ عوام پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج رجسٽرڊ ڪرائي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري چڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم عدم تشدد تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .
 Posted on: 6/11/2014

منهنجي گرفتاري تي ڪارڪنن ۽ عوام پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج رجسٽرڊ ڪرائي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري چڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم عدم تشدد تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .
مان اهو ئي چاهيندس ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن َ پرامن طريقي سان جدوجهد کي جاري رکن، جيڪڏهن ڪڏهن پنهنجن مطالبن جي حق ۾ احتجاج ڪرڻو به پوي ته پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائين ۽ ڪنهن به قيمت تي تشدد جو رستو اختيار نه ڪن. جناب الطاف حسين.
حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي ٽيليفونڪ خطاب.ڪارڪنن کي اي پي ايم ايس او جي يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي.
لنڊن؛ 11 جون 2014
         ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجي گرفتاري تي ڪارڪنن ۽ عوام جلاءٌ گهيراءٌ جي بجاءِ پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج رجسٽرڊ ڪرائي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري چڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ امن پسند جماعت آهي ۽ اها عدم تشدد تي يقين رکي ٿي، انهن فرمايو ته مان
2
اهو ئي چاهيندس ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ پرامن طريقي سان جدوجهد جاري رکندا ۽ ڪڏهن ڪنهن به مطالبي جي حق ۾ احتجاج  ڪرڻو به پوي ته  پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندا ۽ ڪنهن به قيمت تي تشدد جو رستو اختيار نه ڪندا. انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد جي زونل آفيس ۾ ڪارڪنن ۽ ذميوارن سان ٽيليفون تي خطاب ڪندي فرمايو. اهي ڪارڪنَ جناب الطاف حسين کي اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ جمع ٿيا هئا.جناب الطاف حسين تمام ڪارڪنن کي به اي پي ايم ايس او جي يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي.پنهنجي خطاب ۾ حيدرآباد زون جي ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته حيدرآباد شهر منهنجو شهر آهي ۽ مان حيدرآباد جو آهيان، حيدرآباد جا رهاڪو ڪڏهن به شرمنده ٿي نه ٿا سگهن جو انهن جي شهر سان تعلق رکڻ وارو قائد نه پاڪستان ۾ گرفتاري جي وقت خوف زده ٿيو ۽ نه ئي برطانيه ۾ گرفتاري کان خوف زده ٿيو. انهن فرمايو ته منهنجي گرفتاري تي حيدرآباد سميت سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن پنهنجي قائد جي تعليمات تي عمل ڪندي جهڙي طرح پنهنجن جذبن تي قابو رکي ڪري امن کي قائم رکيو ان تي مان انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو،انهن فرمايو ته منهنجي گرفتاري تي حيدرآباد سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارڪنن جنهن مثالي جذبي جو اظهار ڪيو،امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن جهڙي طرح دعائون ڪيون ، تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن جهڙي طرح پنهنجي پنهنجي مسلڪ جي مطابق دعائون ڪيون. مسلمانن سان گڏو گڏ هندن، عيسائين، سکن ۽ ٻين مذهبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن به جهڙي طرح پنهنجي پنهنجي عقيدي جي مطابق دعا ڪئي ۽  زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن ڌرڻڻ ۾ شرڪت ڪري الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ان محبت ۽ عقيدت جي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. زمين آسمان ۽ هوائن به محبت ۽ عقيدت جي اهڙي مثال ان کان اڳ نه ڏٺي هوندي.محبت ۽ عقيدت جا اهي انمول واقعا ۽ منظرَ تاريخ جي ورقن ۾ رقم ٿي چڪا آهن، جن کي پڙهي ڪري دنيا سبق حاصل ڪندي رهندي.انهن فرمايو ته اها ڪنهن انسان جي طاقت نه بلڪه الله تعالٰي جي طاقت ۽ ان جو ڪرم
3
آهي.انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي ان محبت ۽ عقيدت کي قائم رکي. انهن فرمايو ته جيڪي مخالف اها محبت ۽ عقيدت ڏسي ڪري چڙن ٿا مان انهن کي اهو ئي چوندس ته اوهان به الطاف حسين وانگر پنهنجن ڪارڪنن سان پيار ڪريو ته ڪارڪن به واهان سان پيار ڪندا. انهن يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي ڪارڪنن، عوام، تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن ، تمام اقليتي برادرين جي اڪابرن ۽ وڪيلن سميت زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جو به شڪريو ادا ڪيو. انهن فرمايو ته حيدرآباد زون جي توسط سان مان پوري سنڌ جي سنڌي ڳالهائڻ وارن لوئر مڊل ڪلاس، مڊل ڪلاس ، نوجوانن، شاگردن، استادن، وڪيلن ، شاعرن، دانشورن ۽ سڀني ماڻهن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن اوهان عزت سان جيئڻ چاهيو ٿا ۽ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلم، ڏاڍ ۽ غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان متحده قومي موومينٽ ۾ شموليت اختيار ڪريو.اها ئي اها جماعت آهي جيڪا ڪاروڪاري، جاگيرداراڻه نظام ۽ وڏيرن جي ظلم کان نجات ڏياري سگهي ٿي. اوهان صدين کان وڏيرن جا غلام بڻيل آهيو، جيڪڏهن اوهان انهن جي ئي پويان هلندا رهندو ۽ انهن کي ئي آزمائيندا رهندو ته هميشه غلامي ۾ ئي رهندو. پنهنجي حالت ۽ قسمت بدلڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۾ اچو ۽ پنهنجن حقن جي لاءِ جدوجهد ڪريو. انهن فرمايو ته مون کي اميد آهي ته منهنجي اپيل تي غريب ۽ وچولي طبقي جا سنڌي ڳالهائڻ وارا ايم ڪيو ايم جي قافلي ۾ ضرور شامل ٿيندا.پنهنجي خطاب جي آخر ۾ انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي سڀني کي آفتن ۽ تڪليفن کان محفوظ رکي.انهن حيدرآباد ۽ ان جي آس پاس جي تمام علائقن جي ڪارڪنن ۽ عوام کي به اي پي ايم ايس او جي يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي.

5/1/2024 11:42:50 PM