Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي حراست جي واقعي جي 24 ڪلاڪن جي اندر اندر پاڪستان جي حڪومت جي هڪ نمائندي کي لنڊن ۾ موجود هجڻ گهرجي ها.سابق وفاقي وزير رحمٰن ملڪ.


 Posted on: 6/5/2014 1

 
جناب الطاف حسين جي حراست جي واقعي جي 24 ڪلاڪن جي اندر اندر پاڪستان جي حڪومت جي هڪ نمائندي کي لنڊن ۾ موجود هجڻ گهرجي ها.سابق وفاقي وزير رحمٰن ملڪ.
حڪومت هڪ هائي ليول جو وفد برطانيه موڪلي جيڪو انهن کي جناب الطاف حسين جي طبي ڪيفيت کان آگاھ ڪري. رحمٰن ملڪ.
جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ نمائش چورنگي تي احتجاجي مظاهري جي شرڪاء کي خطاب.
ڪراچي؛5 جون 2014
           پيپلز پارٽي جي رهنما ۽ سابق وفاقي وزير داخله رحمٰن ملڪ چيو آهي ته هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان جناب الطاف حسين جا به حقَ آهن، جناب الطاف حسين جي حراست جي واقعي جي 24 ڪلاڪن جي اندر اندر پاڪستان جي حڪومت جي هڪ نمائندي کي لنڊن ۾ موجود هجڻ گهرجي ها، انهن چيو ته هڪ هائي ليول جو وفد حڪومت پاڪستان برطانيه موڪلي جيڪو انهن کي جناب الطاف حسين جي طبي ڪيفيت کان آگاھ ڪري، انهن خيالن جو اظهار انهن نمائش چورنگي تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ ڌرڻي ۾ شرڪاء کي خطاب ڪندي ڪيو. رحمٰن ملڪ جناب الطاف حسين کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان هتي نه آهيو پر اوهان جي چاهڻ وارن جو اهو پيار اوهان ڏسي رهيا هوندو،اوهان ڏسو ته اوهان جا چاهڻ وارا هتي جمع آهن ۽ اوهان سان
ڪيترو پيار ڪن ٿا، انهن چيو ته جناب الطاف حسين هڪ سياسي انسٽي ٽيوشن آهن ۽ انهن جون سڀ ڪوششون ۽ خدمتون جمهوريت جي لاءِ آهن اهي ڪنهن کان به لڪيل نه آهن ، انهن چيو ته ڏکيو وقت اچي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو پر ايم ڪيو ايم کي پنهنجي دوست ۽ دشمن کي سڃاڻڻ جو هڪ موقعو مليو آهي ، جناب الطاف حسين سان جڏهن اهو واقعو ٿيو انهي رات ٻي وڳي منهنجي الطاف ڀاءُ سان ڳالھ ٻولھ ٿي اهي بيمار هئا۽ انهن جي آواز ۾ به چنگھ هئي. سال ۾ ڪيترائي دفعا مان انهن سان مليو آهيان ،ٻه دفعا مان اسپتال ۾ ملي آيو آهيان اهي باهمت انسان آهن ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي پنهنجي طبيعت جي خرابي جو محسوس ٿيڻ نه ٿا ڏين، جنهن وقت انهن کي حراست ۾ ورتو ويو انهن جي ڄنڳھ جو آپريشن ٿيو هو ، مان انٽرنيشنل ڪميونٽي ۽ انٽرنيشنل هيومن رائيٽس جي باڊي کي چوڻ چاهيندس ته جيڪڏهن ڪوئي بيمار آهي ته انهن کي ڇوٽ ملندي آهي ۽ اها ڳالھ ڪنهن کان به لڪيل نه آهي ته جناب الطاف حسين بيمار آهن، مان پاڪستاني جي حيثيت سان گذارش ڪندس ته جناب الطاف حسين کي ميڊيڪل پوائنٽ آف ويو جي حساب سان ڇوٽ ملڻ گهرجي. انساني بنيادن تي جنگ ۾ دشمن به هجي ته ان جي قدر ڪئي ويندي آهي.جناب الطاف حسين کي ملزم چوڻ ٺيڪ نه آهي ،انهن چيو ته هتي ماڻهن جا جذبات ٿڌا آهن هتان جي ماحول ۾ ۽ يورپ جي ماحول ۾ وڏو فرق آهي جيڪڏهن جناب الطاف حسين کي ڪجھ ٿيو ته اهي ديوانا پوءِ وڌيڪ ديوانا ٿي نه وڃن، تفتيش جيڪا ٿيندي آهي ان ۾ پوليس وٽ پاور هوندو آهي ته اها گهر ۾ به هائوس اريسٽ ڪري سگهي ٿي، ضمانت به ڏيئي سگهي ٿي، مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته جنهن ڪيس ۾ سڀني کي سڏرايو ويو ۽ 24 ڪلاڪن ۾ سڀني کي بيل آئوٽ ڪري چڏيو ويو آهي پر جناب الطاف حسين سان نامناسب سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ان سوال جو جواب سڀ ڄاڻڻ ٿا . برطانيه جي حڪومت کي جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن جي جذبات جو خيال رکڻ گهرجي. انهن شرڪاء کي ٻڌايو ته منهنجي آخري ڀيرو جڏهن جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ٿي هئي ته انهن فرمايو هو ته ڪجھ عالمي طاقتون انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ چاهين ٿيون. ان موقعي تي رحمٰن ملڪ جناب الطاف حسين جي رهائي جي لاءِ نعرا به هڻرايا جن جو شرڪاء پرجوش انداز ۾ جواب ڏنو.



5/2/2024 4:51:49 AM