Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مختلف سياسي شخصيتن جو ايم ڪيو ايم جي رهنمائن سان ٽيليفون تي رابطو.


 Posted on: 6/5/2014 1

مختلف سياسي شخصيتن جو ايم ڪيو ايم جي رهنمائن سان ٽيليفون تي رابطو.
ڊاڪٽر طاهر القادري، اسحاق ڊار، سابق وزراء اعلٰي سنڌ ارباب غلام رحيم ، لياقت جتوئي ۽ سابق صوبائي وزير پير مظهر الحق جي طرفان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي حراست ۾ وٺڻ تي ڳڻتي جو اظهار.
    لنڊن؛ 5 جون 2014
             پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر بابر غوري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، ڊاڪٽر طاهر القادري ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي حراست ۾ وٺڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين ڪروڙين عوام جا رهنما آهن، عوام انهن سان عقيدت ۽ محبت رکن ٿا، لحاظه انهن جي معاملي ۾ انصاف جا تمام تقاضا پورا ڪيا وڃن. ڊاڪٽر طاهر القادري جناب الطاف حسين جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي .
          ان کان علاوه وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، محمد انور۽ بابر غوري سان رابطو ڪيو، اسحاق ڊار جناب الطاف حسين جي برطانيه ۾ حراست تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي حڪومت جي طرفان جناب الطاف حسين جي لاءِ قانوني ۽ اخلاقي تعاون جو يقين به ڏياريو. انهن جناب الطاف حسين جي جلد و مڪمل صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي . ان کان علاوه سنڌ جي سابق وزراء اعلٰي ارباب غلام رحيم، لياقت جتوئي ۽ سابق صوبائي وزير پير مظهر الحق به رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ جناب الطاف حسين جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن کي حراست ۾ وٺڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. انهن ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي جي لاءِ دعائون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.
****

5/2/2024 1:40:37 AM