Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي لکين چاهڻ وارن جي طرفان پرامن احتجاجي مظاهرن کي سڄي دنيا ۾ سٺي نظر سان ڏٺو پيو وڃي . گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد.


 Posted on: 6/5/2014 1

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي لکين چاهڻ وارن جي طرفان پرامن احتجاجي مظاهرن کي سڄي دنيا ۾ سٺي نظر سان ڏٺو پيو وڃي . گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد.
جناب الطاف حسين ماضي ۾ به مشڪلاتن کي مڙسي سان منهن ڏنو آهي ۽ اڄ به انهن جا حوصلا بلند آهن.گورنر سنڌ.
ڪراچي؛ 5 جون 2014
           گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ماضي ۾ به مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي مڙسي سان منهن ڏنو آهي ۽ اڄ به انهن جا حوصلا بلند آهن .انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي معاملي تي حڪومت پاڪستان ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف مسلسل سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهن ۽ اسان برطانوي حڪومت کي يقين ڏياريو آهي ته جناب الطاف حسين کي بهتر علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ انهن سان انصاف ڪيو وڃي.انهن خيالن جو اظهار انهن نمائش چورنگي تي مظاهري جي لکين شرڪاء سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي لکين چاهڻ وارن جي طرفان ان پرامن احتجاجي مظاهري کي سڄي دنيا ۾ سٺي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جناب الطاف حسين جا چاهڻ وارا انهن جي صحت ۽ سلامتي جي لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين لنڊن سيڪريٽريٽ ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ ڪري پنهنجن چاهڻ وارن کي انمول تحفو ڏنو آهي جنهن تي هر شخص کي دلي سڪون مليو آهي. انهن عوام کي چيو ته جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو پيار ۽ انهن جون دعائون جناب الطاف حسين جي لاءِ سڀني کان وڏي طاقت ۽ انهن جي لاءِ بي پناھ دولت آهي. انهن عوام ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي چيو ته اهي جناب الطاف حسين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ ۽ انهن جي مشڪلاتن جي خاتمي جي لاءِ دعائون ڪن ۽ الله تعالٰي جي ذات مبارڪ ۾ اميد رکن.
*****

4/27/2024 11:45:24 AM