Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان فون تي ڳالھ ٻولھ، ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو.


 Posted on: 6/8/2014 1

 
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان فون تي ڳالھ ٻولھ، ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو.
لنڊن؛ 8 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ن ليگ جي رهنما سردار اياز صادق کي فون ڪري ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي پنهنجي ۽ ايم ڪيو ايم جي پوري قيادت جي طرفان انهن جو شڪريو ادا ڪيو. اياز صادق جناب الطاف حسين کي انهن جي رهائي تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته مصيبت ڪنهن تي به اچي،اسان کي مصيبت جي وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي بيهڻ گهرجي.انهن جناب الطاف حسين کي انهن جي گرفتاري جي موقعي تي وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان رابطي جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جي قيام ۽ سفارتي ۽ قانوني تعاون جي لاءِ لنڊن ۾ پاڪستان جي قائم مقام هائي ڪمشنر کي ڏنل هدايتن ۽ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن سان پنهنجن رابطن جي تفصيلات کان به آگاھ ڪيو، اياز صادق جناب الطاف حسين کي چيو ته اوهان هڪ وڏي جماعت جا قائد آهيو ۽ پنهنجي جماعت جي لاءِ پلر آف يونٽي آهيو، اسان جي دعا آهي ته الله تعالٰي اوهان کي صحت و تندرستي عطا فرمائي. جناب الطاف حسين اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق سان ڳالھ ٻولھ ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف کي سلام چيو ۽ انهن جي طرفان ڪيل ڪوششن ۽ تعاون ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو، جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي اسان سڀني کي هڪ ٻئي کي تسليم ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي وجود کي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي . اسان کي پاڪستان جي سلامتي و بقا ، ترقي و خوشحالي ۽ ملڪ ۾ اهڙي نظام جي قيام جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، جتي تمام مسلڪن ۽ مذهبن جي مڃڻ وارن پاڪستانين کي برابر جا حق ملي سگهن.



5/1/2024 7:17:18 PM