Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سلامن جا پيغام موڪلڻ وارن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تشڪر جو اظهار.


 Posted on: 6/8/2014 1
 سلامن جا پيغام موڪلڻ وارن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تشڪر جو اظهار.
ڪارڪنن ۽ عوام جي اها عقيدت ۽ محبت ئي منهنجو قيمتي سرمايو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 8 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا کان مبارڪباد جا پيغام ۽ سلامَ موڪلڻ وارن سان دلي تشڪر جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ٽيليفون، فيڪس، اي ميل ٽيوٽر، فيس بڪ ۽ ٻئي سوشل ميڊيا جي ذريعي پاڪستان جي هڪ هڪ شهر۽ ڳوٺ کان علاوه سڄي دنيا کان ايم ڪيو ايم جي جي ڪارڪنن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن همدردن ، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن، شاگردن ۽ شاگردياڻين، سياسي و مذهبي رهنمائن، تمام مڪاتب فڪر ۽ تمام مذهبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن مبارڪباد جا پيغامَ موڪليا ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، مون کي اڃان به عقيدت ۽ محبت جا پيغام موصول ٿي رهيا آهن ۽ ڪارڪنن ۽ عوام جي اها عقيدت ۽ محبت ئي منهنجو قيمتي سرمايو آهي. انهن تمام ماڻهن سان دلي تشڪر جو اظهار ڪيو،انهن جي سلامن جو جواب ڏنو، مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي صحت و عافيت جي لاءِ دعائون به ڪيون.واضع رهي ته ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي لاءِ سلامن ۽ مبارڪباد جا پيغام ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ دعائيه پيغامن جو سلسلو اڃان جاري آهي.
*****

5/1/2024 6:43:05 PM