Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مسلم ليگ ق سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ آرٽس ڪائونسل جي نمائنده وفد جي جناب الطاف حسين جي رهائي تي مبارڪباد.


 Posted on: 6/8/2014 1

مسلم ليگ ق سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ آرٽس ڪائونسل جي نمائنده وفد جي جناب الطاف حسين جي رهائي تي مبارڪباد.
انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي، سيد امين الحق ۽ احمد سليم صديقي سان ملاقاتون ڪيون.
جناب الطاف حسين جي رهائي حق ۽ سچ ، قانون ۽ انصاف جي فتح آهي. حليم عادل شيخ.
ڪراچي؛ 8 جون 2014
         مسلم ليگ ق سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ عهديدارن سان گڏجي نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدر عباس رضوي سان ملاقات ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي. حليم عادل شيخ چيو ته جناب الطاف حسين جي رهائي حق و سچ ۽ قانون ۽ انصاف جي فتح آهي ، انهن جناب الطاف حسين جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي . ان موقعي تي حيلم عادل شيخ جناب الطاف حسين جي رهائي جي خوشي ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي مٽائي به کارائي.اهڙي طرح ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي صدر اعجاز فاروقي ۽ سيڪريٽري احمد شاھ جي سربراهي ۾ هڪ نمائنده وفد نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ احمد سليمصديقي سان ملاقات ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي رهائي تي دلي خوشي جو اظهار ڪيو. اعجاز فاروقي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين جي رهائي سڄي ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام جي لاءِ اطمينان جو ڪارڻ بڻي آهي ۽ ان سان ماڻهن جي دلين کي  سڪون مليو آهي. رابطا ڪميٽي انهن جي خيالن کي ساراهيندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جي واحد شخصيت آهن جن جي حراست کان پوءِ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکڻ وارو ماڻهو فڪر مند ڏسڻ ۾ آيو. جيڪو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته جناب الطاف حسين ڪروڙين عوام جي دلين جي ڌڙڪڻ آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي آهي . رابطا ڪميٽي آرٽس ڪائونسل جي وفد جو شڪريو ادا ڪيو ۽ جناب الطاف حسين جي لاءِ انهن جي نيڪ خيالن کي عقيدت ۽ محبت جو اظهار به قرار ڏنو.
*****



5/2/2024 4:49:34 AM