Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق وزراء اعظم ۽ پيلپز پارٽي جي سينيئر رهنمائن يوسف رضا گيلاني ، راجه پرويز اشرف ۽ مخدوم امين فهيم جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪرڻ جي مان مذمت ڪريان ٿو.قائدتحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 6/2/2014 1
سابق وزراء اعظم ۽ پيلپز پارٽي جي سينيئر رهنمائن يوسف رضا گيلاني ، راجه پرويز اشرف ۽ مخدوم امين فهيم جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪرڻ جي مان مذمت ڪريان ٿو.قائدتحريڪ جناب الطاف حسين.
يوسف رضا گيلاني، راجه پرويز اشرف ۽ مخدوم امين فهيم کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
آصف علي زرداري کي ڀائري واري اپيل ڪريان ٿو ته اهي دوست ۽ دشمن جي سڃاڻ ڪن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 2 جون 2014
        متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق وزراء اعظم ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر رهنمائن يوسف رضا گيلاني ،راجه پرويز اشرف ۽ مخدوم امين فهيم جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪرڻ جي مذمت ڪندي ان عمل کي سياسي انتقام قرار ڏنو آهي ۽ ان تي انهن رهنمائن ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ سابق صدر آصف علي زرداري سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پيپپلز پارٽي جي انهن رهنمائن جن کي پيپلز پارٽي وزير اعظم پاڪستان سميت ٻين وڏن وڏن عهدن تي مقرر ڪيو، اڄ انهن جي خلاف ڪرپشن جا مقدما بڻايا پيا وڃن ۽ انهن جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا پيا وڃن.جڏهن ته انهن مان ڪجھ رهنمائن جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي پابندي به عائد ڪئي وئي آهي ، مان ان عمل جي مذمت ڪريان ٿو ۽ سياسي انتقام جو نشانو بڻجڻ وارن رهنمائن سان دلي همدردي جو اظهار به ڪريان ٿو .انهن پيپلز پارٽي جي سربراھ آصف علي زرداري سان به دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي ڀائري واري اپيل ڪئي ته اهي دوست ۽ دشمن جي سڃاڻ ڪن ته اهو انهن جي ۽ انهن جي پارٽي جي لاءِ بهتر هوندو.
*****
                                       

4/28/2024 2:15:43 AM