Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي لڳاتار گرفتار ڪيو پيو وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 6/1/2014 1
ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي لڳاتار گرفتار ڪيو پيو وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
گذريل رات به ايم ڪيو ايم يونٽ 81 لانڍي سيڪٽر جي ڪارڪن عباس علي ولد افسر علي ،لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 161 جي ڪارڪن عدنان ولد عبدالوحيد ، يونٽ 3 سرجاني سيڪٽر جي ڪارڪن ساجد ولد شهاب ۽ يونٽ 118 اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪنن ياسين صديقي ۽ شاهين ملڪ کي رينجر۽ پوليس سميت ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن حراست ۾ وٺي لاپتا ڪري چڏيو آهي.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ پهرين جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي لڳاتار گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته شهر ۾ ڀتي مافيا،دهشت گرد ۽ پابندي وڌل تنظيمون کلي عام ڪاروائيون ڪري رهيون آهن ۽ ٻئي طرف قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي انهن جي گهرن ۽ آفيسن کان گرفتار ڪري لاپتا ڪري رهيا آهن ۽ پوءِ انهن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪري قتل ڪري رهيا آهن . رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل رات به رينجر ، پوليس ۽ ايس آئي يو جي ٽيمن لانڍي سيڪٽر يونٽ 81 جي ڪارڪن عباس علي ، لياقت آباد
2
يونٽ سيڪٽر 161 جي ڪارڪن عدنان ، سرجاني سيڪٽر يونٽ 3 جي ڪارڪن ساجد، اورنگي سيڪٽر يونٽ 118 جي ڪارڪنن ياسين صديقي ۽ شاهين ملڪ کي گرفتار ڪيو ۽ انهن جي گهر وارن جي بار بار معلوم ڪرڻ جي باوجود به انهن جي باري ۾ ڪائي ڄاڻ فراهم نه ٿي ڪئي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان اڳ به ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪري  انهن کي قتل ويو آهي ۽ خدشو آهي ته ڪٿي انهن کي به ماورائي عدالت قتل نه ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي گرفتار ڪارڪنن جي گهر  وارن جي ترجماني ڪندي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڊي جي رينجرسنڌ ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي گرفتار ڪيل ڪارڪنن جي باري ۾ فوري طور تي ڄاڻ فراهم ڪن ۽ ڪارڪنن جي جانين کي خطرن جو خاتمو ڪن.



4/28/2024 4:25:21 AM