Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هڪ خاندان وانگر آهي جيڪا ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 6/1/2014 1
ايم ڪيو ايم هڪ خاندان وانگر آهي جيڪا ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
تحريڪ ۾ شامل ماڻهو پاڻ کي فڪري ۽ نظرياتي بنيادن تي مظبوط بڻائين ۽ احساس ذميواري سان پنهنجا فرضَ انجام ڏين.
بزرگن، عورتن ۽ ٻين سينيئر ساٿين سان رابطا ڪري انهن کي تحريڪ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏين. رابطا ڪميٽي کي هدايت.
رابطا ڪميٽي هر علائقي ۾ پابندي سان تربيتي نشستن جو انعقاد ڪري  ساٿين جي تربيت ڪري.جناب الطاف حسين.
رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کي ٽيليفون تي خطاب.
لنڊن؛پهرين جون 2014
        متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ خاندان وانگر آهي جيڪا ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. انهن رابطا ڪميٽي کي هدايت فرمائي ته اهي نه صرف تحريڪي ساٿين سان مسلسل رابطي ۾ رهن بلڪه انهن جي هر ممڪن سار سنڀال به لهندارهن. اها ڳالھ انهن آچر جي صبح پاڪستان ۽ لنڊن جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کي ٽيليفون تي خطاب ڪندي فرمائي . پنهنجي خطاب ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ نظرياتي تحريڪ آهي ۽ ان تحريڪ ۾ شامل هڪ هڪ ماڻهو تي لازم آهي ته اهو پاڻ کي فڪري ۽ نظرياتي بنيادن تي مظبوط بڻائي ۽ احساس ذميواري سان پنهنجن فرضن کي انجام ڏي. جيڪڏهن تحريڪ ۾ شامل ذميوارن پنهنجن فرضن کي نه سڃاتو ته اها انهن جي نظرياتي ، شعوري ۽ فڪري ڪمزوري جي دليل هوندي، جنهن جو نقصان گڏيل طور تي تحريڪ کي پهچي سگهي ٿو . جناب الطاف حسين فرمايو ته حقن جي تحريڪن کي هميشه لاهين ۽ چاڙهين کان گذرڻو پوي ٿو ۽ نظرياتي طور تي مظبوط ۽ مستحڪم ذميوارَ ۽ ڪارڪنَ سردي ۽ گرمي جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ تحريڪي جدوجهد کي جاري رکن ٿا. ان جي ڪري تحريڪ سان وابسته تمام ماڻهن تي لازم آهي ته اهي هر قسم جي حالتن ۾ تحريڪ جي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي هدايت فرمائي ته اهي تحريڪ سان وابسته بزرگن، عورتن ۽ ٻين سينيئر ساٿين سان رابطا ڪري انهن کي تحريڪ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏين. هر علائقي ۾ پابندي سان تربيتي نشستن جو انعقاد ڪري تحريڪي ساٿين جي تربيت ڪن، باقائدگي سان آفيسن جا دورا ڪري تحريڪي ساٿين جي خبر گيري ڪن ۽ ديانتداري ، ايمانداري ۽ ثابت قدمي سان حق پرستي جي جدوجهد کي جاري رکن

4/27/2024 9:43:55 AM