Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ماس ٽرانزٽ منصوبي جي خاتمي تي قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار


ڪراچي ماس ٽرانزٽ منصوبي جي خاتمي تي قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
 Posted on: 5/28/2014
ڪراچي؛ 28 مئي 2014
           قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جاپان انٽرنيشنل ڪارپوريشن ايجنسي جي طرفان  سنڌ حڪومت کي لکيل هڪ خط ۾ جنهن ۾ ڪراچي ماس ٽرانزٽ منصوبي تي ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪئي وئي آهي، تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ڪراچي جهڙي ميگا سٽي ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي سخت ضرورت آهي ۽ تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ معيشت جي لاءِ وقت جي اهم ضرورت آهي. انهن چيو ته پنجاب ۾ ميٽرو بس کان پوءِ اوريج ميٽرو ٽرين هلائڻ جي ڪم جو به آغاز ٿي ويو آهي پر هڪ سازش جي تحت ڪراچي کي يتيم ۽ لاوارث سمجهي ڪري چڏي ڏنو ويو آهي. انهن چيو ته ان معاملي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي طرفان دلچسپي نه ڏيکارڻ جي ڪري اهو عظيم الشان منصوبو ختم ٿيڻ پيو وڃي ۽ جاپان جي ڪمپني جي طرفان واضع چيو ويو آهي ته 8 ڪلوميٽرن جي ايراضي گذريل 5 سالن کان خالي نه ٿي سگهي آهي ۽ انهي جي ڪري ڪمپني پنهنجي اڍائي کربن جي رقم کي ڦاسائڻ نه ٿي چاهي. انهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته مذڪوره منصوبي تي فوري طور تي ڪم جو آغاز ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکڻ واري شهر ڪراچي تي خصوصي توجه ڏني وڃي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم ناجائز تجاوزات، غيرقانوني تعميراتن ۽ منصوبي ۾ ٻين رڪاوٽن کي دور ڪرڻ ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي.


4/28/2024 7:10:47 AM