Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سک برادري جي مقدس ڪتاب جي بي حرمتي جو واقعو قابل مذمت ۽ افسوسناڪ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


سک برادري جي مقدس ڪتاب جي بي حرمتي جو واقعو قابل مذمت ۽  افسوسناڪ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 5/28/2014
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ سيف يار خان جي گرنٿ صاحب گردواري ۾ سک برادري جي رهنما سردار رميش سنگ سان ملاقات.
ڪراچي؛ 28 مئي 2014 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ سيف يار خان نارائن پوره گردواري گرنٿ صاحب ۾ سک برادري جي رهنما چيئرمين سردار رميش سنگ ، وائيس چيئرمين سردار ڀولا سنگ ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ۽ سک برادري جي مقدس ڪتاب جي بيحرمتي جي واقعي جي پرزور مذمت ڪئي ۽ ان واقعي تي افسوس جو اظهار به ڪيو. رابطا ڪميٽي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان ۾ مذهبي رواداري تي هميشه زور ڏنو آهي ۽ سڄي ملڪ جي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي مذهبن جي احترام جو درس به ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان سک برادري جي مقدس ڪتاب جي بي حرمتي جي افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث ڏوهارين جي گرفتاري ۽ قومي اسيمبلي جي ٻاهران احتجاج جي دوران گرفتار ڪيل سک برادري جي ماڻهن جي رهائي جو مطالبو به ڪريون ٿا. ملاقات ۾سردار رميش سنگ سک برادري سان همدردي جو اظهار ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي جي لاءِ جناب الطاف حسين جي ڪردار کي ساراهيو.ان موقعي تي حق پرست صوبائي اسيمبلي ميمبر عارف ڀٽي، شعبه اقليتي امور جو جوائنٽ انچارج پطرس ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه سک برادري جي ماڻهن جي به وڏي تعداد موجود هئي. 


4/28/2024 8:34:06 AM