Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لاهورهائي ڪورٽ جي ٻاهران پي ۽ ڀائرن جي طرفان لٺيون ۽ سروٽا هڻي پنهنجي 25 ساله حامله نياڻي فرزانه پروين کي قتل ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت


لاهورهائي ڪورٽ جي ٻاهران پي ۽ ڀائرن جي طرفان لٺيون ۽ سروٽا هڻي پنهنجي 25 ساله حامله نياڻي فرزانه پروين کي قتل ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت
 Posted on: 5/28/2014
فرزانه پروين جو غيرت جي نالي تي قتل سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي لاءِ بدنامي جو ڪارڻ بڻيو آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛28 مئي 2014 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لاهور هائي ڪورٽ جي ٻاهران غيرت جي نالي تي پي ۽ ڀائرن جي طرفان لٽيون ۽ سروٽا هڻي پنهنجي 25 ساله حامله نياڻي فرزانه پروين جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سڄي ملڪ ۾ هرسال سوين عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون وڃن ٿيون، پر اڄ تائين حڪمرانن جي طرفان عورتن جي تحفظ ۽ ان قسم جي واقعن جي روڪٿام جي لاءِ بڻايل قانونن تي عمل نه ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن جي گذريل مهيني جاري ٿيندڙ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ٻڌل رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته گذريل سال سڄي ملڪ ۾ تقريبن 869 عورتن کي پسند جي شادي ڪرڻ يا غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي ۽ لاهور هائي ڪورٽ جي ٻاهران پسند جي شادي ڪرڻ تي فرزانه پروين جي وحشياڻي قتل پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي ادارن، عوام ۽ خصوصن عورتن ۾ ڳڻتي جي لهر پيدا ڪري چڏي آهي ۽ اهو واقعو پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو ڪارڻ بڻيو آهي. رابطا ڪميٽي سڄي ملڪ جي ميڊيا کي اپيل ڪئي ته اها ملڪ ۾ عورتن سان ٿيندڙ سلوڪ جي باري عوام ۾ شعور بيدار ڪري، رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير اعلٰي پنجاب ميان نواز شريف، وزير قانون پنجاب راڻا ثناء الله ۽ عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ ملڪي و بين الاقوامي تنظيمن جي ذميوارن کان مطالبو ڪيو ته اهي لاهور هائي ڪورٽ جي ٻاهران پيش ايندڙ ان واقعي جو نوٽس وٽن ۽ پنجاب حڪومت ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن کي سخت ترين سزا ڏي ۽ عورتن سميت ملڪ جي تمام طبقن جي جان و مال کي تحفظ فراهم ڪري.


4/27/2024 9:43:58 PM