Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي اليڪٽرڪ جو بجلي چوري نه ڪرڻ واري صارف کي وڌيڪ بل موڪلڻ ۽ ان جي ادائگي تي اصرار ڪرڻ وڏي زيادتي ۽ ناانصافي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ڪي اليڪٽرڪ جو بجلي چوري نه ڪرڻ واري صارف کي وڌيڪ بل موڪلڻ ۽ ان جي ادائگي تي اصرار ڪرڻ وڏي زيادتي ۽ ناانصافي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 5/28/2014
ڪراچي؛ 28 مئي 2014 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان بجلي جي صارفين کي وڌيڪ بل موڪلڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته بجلي جي چوري جي روڪٿام جي لاءِ مناسب قدمَ کڻڻ جي ضرورت آهي. ۽ جيڪي ماڻهو بجلي چوري ڪري رهيا آهن انهن کان نيپرا جي قانون جي مطابق وڌيڪ بلن جي وصولي ڪرڻ گهرجي، پر عوام جي طرفان اهي شڪايتون لڳاتار اچي رهي آهيون ته اڪثر اهڙن صارفين کي به بجلي چوري جي ڏوھ ۾ اضافي بل موڪليا پيا وڃن جيڪي بجلي جي چوري ۾ ملوث نه آهن. صارفين جڏهن پنهنجيون شڪايتون ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ۾ داخل ڪرائين ٿا ته انهن کي چيو وڃي ٿو ته هاڻي بل بڻجي چڪو آهي ۽ ان کي لازمي جمع ڪرائڻو پوندو. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن صارف بجلي چوري نه ڪئي آهي ته پوءِ ان ڏانهن وڌيڪ بل موڪلڻ ۽ ان جي ادائگي تي اصرار ڪرڻ وڏي زيادتي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي نمائندن وٽ وڌيڪ بلن جي متعلق شڪايتن جا ڍير لڳي ويا آهن ، رابطا ڪميٽي ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه تي زور ڏنو ته اها وڌيڪ بلن جي شڪايتن تي فوري توجه ڏي ۽ ان ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.



4/27/2024 5:04:14 PM