Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان جسمم رهنما منير چولياڻي جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان جسمم رهنما منير چولياڻي جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
 Posted on: 5/30/2014
سنڌي قوم پرست جماعتن جي رهنمائن جو لڳاتار قتل سنڌ جو امن خراب ڪرڻ جي هڪ سازش آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 30 مئي 2014 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جيئي سنڌ متحده محاذ جي مرڪزي رهنما منير چولياڻي جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ لڳاتار سنڌي قوم پرست جماعتن جي رهنمائن جو قتل انهي سازش جو حصو لڳي ٿو. رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ جو امن پوري پاڪستان جو امن آهي ۽ انتشار پسند ماڻهن جي طرفان صوبي ۾ فساد برپا ڪرڻ جا هٿڪندا ملڪ جي سلامتي جي لاءِ نقصان ده ثابت ٿي سگهن ٿا.جنهن تي سنڌ جي عوام ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ٻين لاڳاپيل عهديدارن کان مطالبو ڪيو ته اهي جسمم جي رهنما منير چولياڻي جي قتل جو نوٽس وٺندي ان واقعي جي ذميوارن کي فوري طور تي گرفتار ڪن ۽ انهن کي قانون جي مطابق سزا ڏيارين.


4/28/2024 3:43:46 AM