Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه پڪا قلعه حيدرآباد جي شهيدن جي 24 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي .


 Posted on: 5/26/2014
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه پڪا قلعه حيدرآباد جي شهيدن جي 24 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي .
ڪراچي؛26 مئي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه پڪا قلعه حيدرآباد جي شهيدن جي 24 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت و سلام عقيدت پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي لال قلعه گرائونڊ ۾ قرآن خواني و فاتحه خواني ڪئي وئي . قرآن خواني ۾ رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ناصر جمال، رابطا ڪميٽي ميمبرن واسع جليل، سيد امين الحق، احمد سليم صديقي، اشفاق منگي، ڪيف الورٰي، سيف يار خان، اسلم آفريدي ، سينيٽ ۽ اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن، وزيرن، سيڪٽر و يونٽ ڪميٽين جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي سينيٽر مولانا تنوير الحق ٿانوي سانحه پڪا قلعه جي شهيدن سميت تمام حق پرست شهيدن جي بلند درجات، انهن جي مغفرت، سوگوار پونئرن جي لاءِ صبر جميل ، ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي، اسيرن جي رهائي، لاپتا ڪارڪنن جي بازيابي، سازشن جي خاتمي ملڪ جي بقا و سلامتي سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون ڪيون ويون. ان کان علاوه حيدرآباد زون جي تحت به سانحه پڪا قلعه جي شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني و فاتحه خواني ڪئي وئي . جنهن ۾ حق پرست نمائندن، سنڌ تنظيمي ڪميٽي ميمبرن، سيڪٽرن و يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کان علاوه همدردن به شرڪت ڪئي . ان موقعي تي شهيدن جي مغفرت، انهن جي درجات جي بلندي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون ڪيون ويون . حق پرست نمائندن ۽ ذميوارن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان شهيدن جي قبرن تي گل به نچاور ڪيا ۽ شهيدن جي لاءِ دعا به ڪئي وئي.


5/4/2024 6:30:52 AM