Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪن محمد اشفاق قريشي جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ سوين ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي شرڪت.


 Posted on: 5/26/2014
ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪن محمد اشفاق قريشي جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ سوين ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي شرڪت.
ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪارڪنن جي ڪاوڙ ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڊاڪٽر فاروق ستار جي جنازي نماز کان پوءِ پريس بريفنگ.
ڪراچي؛ 26 مئي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي شهيد ڪارڪن محمد اشفاق قريشي جي جنازي نماز مين ڪورنگي روڊ تي ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، سيف يارخان ، عادل خان، ميان عتيق ، حق پرست ميمبرن ،ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي . جنازي نماز جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪري انهن تي وحشياڻو تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ پوءِ انهن کي ماورائي عدالت قتل ڪري انهن جي لاشن کي مختلف علائقن ۾ اڇلايو پيو وڃي. انهن چيو ته محمد اشفاق شهيد کي ايم ڪيو ايم جي ٻين ٽن ڪارڪنن سان گڏ وردي ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن 18 مئي تي حراست ۾ ورتو هو جنهن کان پوءِ ٻين ٽن ڪارڪنن کي سخت تشدد ڪرڻ کان پوءِ اڻ ڄاتل هنڌ تي اڇلايو ويو ۽ محمد اشفاق کي لاپتا ڪيو ويو. انهن چيو ته ان عرصي جي دوران ڊي جي رينجر سنڌ ، آئي جي سنڌ ۽ تمام لاڳاپيل آفيسرن کي ڪيترائي ڀيرا اپيل ڪرڻ جي باوجود اڄ اسان جي هڪ ٻئي ساٿي کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي جيڪو تمام ڪارڪنن
جي لاءِ قابل افسوس آهي ۽ ڪارڪنن جي ڪاوڙ ۾ اضافي جو ڪارڻ به آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي اشفاق قريشي شهيد جي ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث اهلڪارن جو پتو لڳائن ۽ انهن جي خلاف ايف آئي آر درج ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ان کان اڳ محمد اشفاق شهيد کي سوين آلين اکين سان گڏ ياسين آباد شهداء قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
*

5/4/2024 1:50:06 AM