Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ماڻهن جنهن محبت ۽ يڪجهتي جو مون سان اظهار ڪيو آهي ان تي مان انهن جو ٿورائتو آهيان. جناب الطاف حسين.


 Posted on: 5/26/2014
ماڻهن جنهن محبت ۽ يڪجهتي جو مون سان اظهار ڪيو آهي ان تي مان انهن جو ٿورائتو آهيان. جناب الطاف حسين.
ڪارڪنَ ۽ عوام پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو تاريخي مظاهرو ڪري دنيا تي واضع ڪري چڏيو آهي ته مان اڪيلو نه آهيان .جناب الطاف حسين.
منهنجا پيارا پيارا مخلص ، ثابت قدم ۽ همت وارا ڪارڪنَ ۽ عوام ئي منهنجو قيمتي سرمايو آهن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 26 مئي 2014
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين انتهائي مختصر نوٽس تي ڪراچي ۾ بي مثال ۽ تاريخي ريلي جو انعقاد ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ عوام سان دلي تشڪر جو اظهار ڪيو آهي. يڪجهتي ريلي جي اختتام کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ تمام تنظيمي شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي انهن تاريخي ريلي جو انعقاد ڪرڻ تي تمام تنظيمي شعبن جي ميمبرن، يونٽن، سيڪٽرن ۽ زونن سميت تحريڪ جي هڪ هڪ ڪارڪن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته جيتوڻيڪ مان مالي طور تي گهٽ حيثيت جو مالڪ آهيان پر مان الله تعالٰي جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته ان مون کي دل سان پيار ڪرڻ وارن انتهائي مخلص، باهمت ۽ جان نثار ڪارڪنن جي دولت سان مالا مال ڪيو آهي ۽ مان سچن ڪارڪنن جي ان دولت جي طفيل ئي دنيا جو امير ترين ماڻهو آهيان ۽ مون کي ان تي تمام گهڻو نازآهي. انهن فرمايو ته عوام جنهن محبت جو اظهار ڪيو آهي ان تي مان انهن جو شڪر گذار آهيان. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪارڪنن ۽ همدرد عوام جي مون سان عقيدت ۽ محبت ڪنهن کان به پوشيده نه آهي ۽ تبت سينٽر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي تمام شعبن جي ميمبرن ، زونن، سيڪٽرن، يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن تمام مذهبن ، تمام مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارن بزرگن، امڙين، ڀينرن، نوجوانن ۽ ٻارڙن خصوصن شاگردن پنهنجي الطاف ڀاءُ سان عقيدت ،محبت ۽ يڪجهتي جو تاريخ ساز ۽ بيمثال مظاهرو ڪري پوري دنيا تي واضع ڪري چڏيو آهي ته الطاف حسين اڪيلو نه آهي. انهن فرمايو ته جاگيردارن ۽ وڏيرن جو تسلط ٽٽي رهيو آهي ۽ اڄ ايم ڪيو ايم ۾ تمام مذهبن، مسلڪن ۽ قومن جي نمائندگي آهي ۽ اهي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جناب الطاف حسين فرمايو ته لکين ماڻهن يڪجهتي ريلي ۾ ايم ڪيو ايم جي روايتي ۽ بي مثال نظم و ضبط جو شاندار مظاهرو ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري چڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم مهذب، تعليم يافته ۽ باشعور ماڻهن جي جماعت آهي. انهن فرمايو ته منهنجا پيارا پيارا ،مخلص ۽ ثابت قدم ڪارڪنَ ۽ عوام منهنجو قيمتي سرمايو آهن ۽ مون کي پنهنجن باهمت ساٿين جي عقيدت ۽ محبت تي فخر آهي. جناب الطاف حسين مسلمانن، هندن، سکن، عيسائين،  پارسين، تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن، حق پرست پنجابين، پختونن، سنڌين، بلوچن، ڪشميرين، هزاري وال، گلگتي بلتستانين ۽ تمام برادرين سميت يڪجهتي ريلي ۾ شريڪ هڪ هڪ ذميوار، ڪارڪن ۽ همدرد عوام کي شاباش ۽ خراج تحسين پيش ڪندي ريلي جي تمام شرڪاء جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ دعائون به ڪيون.


5/4/2024 6:14:54 AM